15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ:ڪوٽڏيجي: ايمبولينس جي سهولت نھ هجڻ سبب پورهيت جا ٻھ ٻارڙا فوت

ڪوٽڏيجي جي رهواسي دانهيو آهي تھ   پي پي ايڇ آءِ ڪوٽڏيجي ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ ايمبولينس جي سهولت نھ هجڻ سبب سندس تازا ڄاول ٻھ ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.

رهواسي يوسف شيخ دانهيو آهي تھ هو پي پي ايڇ آءِ  ڪوٽڏيجي اسپتال ۾  گهرواري کي ويم ڪرائڻ لاءِ کڻائي آيو جتي ويم دوران سندس گهرواري  ٻن ٻارڙن کي جنم ڏنو.

 هن چيو تھ  ٻن ٻارڙن مان هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو جڏهن تھ ڊاڪٽرياڻي پاران ٻئي ٻارڙي کي سول اسپتال خيرپور کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو.

سندس چوڻ هو تھ  پي پي ايڇ آءِ ڪوٽڏيجي اسپتال جي ايمبولنس جي ڊرائيور کي ڪيترائي ڀيرا فون ڪيو  پر هن اهو چئي فون بند ڪري ڇڏيو تھ کيس ٿڪاوٽ آهي توهان ٻي گاڏي ڪرائي هليا وڃو.

هن صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي ايمبولينس ڊرائيور خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے