11 منگل , دسمبر 2018

بلاول ڀٽو جي بي آر ٽي ايس منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي وزير سيد اويس قادر شاهه کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بي آر ٽي ايس منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ملاقات بلاول هائوس ۾ ٿي. سيد اويس قادر شاهه کي پارٽي چيئرمين ملاقات جي لاءِ گهرايو هو. ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو جيئن جلد کان جلد شهر جي ماڻهن کي سهولت ڏئي سگهجي. ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات دوران کيس راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي صوبي جي باقي سمورن علائقن ۾ لڏ پلاڻ جي نظام کي بهتر بڻائڻ واري منصوبي بابت آگاهه ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت موجوده وسيلن کي استعمال ڪندي گرين لائن بس ريپڊ ٽرانسپورٽ سسٽم پراجيڪٽ (BRTS) هلائيندي. هن وڌيڪ چيو ته ان ڪليدي منصوبي تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ بنيادي طور تي دير وفاقي حڪومت طرفان پيدا ڪئي وئي غير ضروري رنڊڪون وڏو سبب آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پي اين اي جو رهتن جي ادائگي لاءِ اڄ احتجاجي مظاهرو

ڪراچي ( رپورٽر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ( سي پي اين اي ) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے