18 اتوار , نومبر 2018

سنڌ ۾ تعليم جي تباهي ۽ سنڌ حڪومت جو اعتراف

اهو پهريون دفعو آهي جو سنڌ حڪومت سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ بابت سنجيدگيءَ سان اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ حڪومت هميشه وڌاءَ ۽ ڪنهن حد تائين هٺ ۽ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺندي سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ جا ڪيئي داستان بيان ڪندي رهي آهي، ايتري قدر جو سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ بابت انگ اکر پڻ پيش ٿيندا رهيا آهن، پر حقيقتون انهن جي ابتڙ هيون تنهنڪري سنڌ حڪومت جون اهڙيون رپورٽون ۽ انگ اکر ڪي خاص نتيجا ڏئي نه سگهيا، ڇو جو غلط بياني ڪڏهن به کي ڪارگر نتيجا ۽ پس منظر بيان ڪري نه ٿي سگهي جيئن تعليم جي سلسلي ۾ هن وقت ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ اڪثر بيان ٿيندڙ ڪاميابيون هن وقت ناڪامين جي صورت ۾ سامهون آيون آهن جن جو اعتراف سنڌ حڪومت پاڻ ڪيو آهي.

سنڌ حڪومت پاران تعليم جي تباهيءَ بابت جيڪي انگ اکر سرڪاري طور تي پڌرا ڪيا ويا آهن، اهي نه صرف انتهائي ڳڻتيءَ جوڳا آهن پر حقيقت اها آهي ته انهن انگن اکر معلوم ٿيڻ بعد ماڻهوءَ کان ڇرڪ نڪري ٿو وڃي، اهڙا انگ اکر پهريون دفعو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه  جي صدرات ۾ ٿيل هڪ اعلى سطحي اجلاس ۾ پيش ڪيا ويا جيڪي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه پيش ڪيا،

سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ جن تباهين جو سرڪاري طور تي اعتراف ڪيو ويو آهي انهن ۾ هن وقت سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 28 لک 44 هزار ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 9 هزار 839 اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون جن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي، ليٽرن جي سهولت ۽ فرنيچر جو نه هجڻ،  4 هزار 910 اسڪول جو بنا ڇت ۽ بلڊنگ جي هجڻ آهي پر سرڪاري اسڪولن ۾ بد انتظامي، استادن جو حاضر نه ٿيڻ، استادن جو نه پڙهائڻ ۽ ايس ايم سي فنڊن ۾ ڪرپشن سميت ٻين انيڪ معاملن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي، اهڙي اعلى سطحي اجلاس ۾ تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار شاھھ، وڏي وزير جي  پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙي، سيڪريٽري تعليم قاضي شاھد پرويز، ايم ڊي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ناھيد شاھھ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

انهيءَ موقعي تي وڏي وزير ترجيحي بنيادن تي اسڪول انفراسٽريڪچر پروجيڪٽ جي منظوري ڏيندي چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي هر حال ۾ اسڪولن ۾آندو وڃي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ تعليم کاتي کي ھدايت ڪئي تھ نصاب ۽ درسي ڪتابن کي اپ ڊيٽ ڪندي گڏيل قومن جي پائيدار مقصد 2030ع مطابق بڻايو وڃي، ڇو جو اسان کي گڏيل قومن جي پائيدار مقصد 2030ع جي حوالي سان درسي ڪتابن ۽ نصاب کي بھتر ڪرڻو آھي. ھن چيو تھ اسان وٽ سائنس، ميٿ ۽ انگلش جا تمام ٿورا استاد آھن، انڪري ان لاءِ ھڪ اسپيشل ريڪروٽمينٽ پروسيس ذريعي ڀرتيون ھئڻ گھرجن

انهيءَ موقعي تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن قاضي شاھد پرويز چيو تھ 483 اسڪولن کي مڊل کان ھاءِ اسڪول جي سطح تي اپ گريڊ ڪيو ويو آھي، 185 ھاڻوڪن پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي عمارتن کي ٻيھر تعمير ڪيو ويو آھي، 214 ڇت کان محروم اسڪولن کي نيون عمارتون فراھم ڪيون ويون آھن ۽ گھوٽڪي، ٽنڊوآدم ۽ عمرڪوٽ ۾ ٽي پبلڪ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن.

تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھھ چيو تھ ٻارن جي اسڪولن کان ٻاھر ھئڻ جي اھم سببن / مسئلن ۾ پوسٽ پرائمري اسڪولن جي کوٽ، 9839 اسڪولن ۾ سھولتن جو نھ ھئڻ، 17701 سنگل اسڪول استادن ۽ 4910 بنا ڇت جا اسڪول شامل آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ تعليم کاتي کي اھا پڻ ھدايت ڪئي تھ مقامي، انرولمينٽ سائيز، ڇت کان محروم اسڪولن تائين پھچ ڪئي وڃي تھ جيئن خاطر خواھھ ڪارروائي ڪري سگھجي.

سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ جيڪا تباهي آيل آهي ان جو سنڌ حڪومت پاران جيڪو اعتراف ڪيو ويو آهي، اهو سارهه جوڳو عمل آهي ڇاڪاڻ ته جيستائين غلطين جو اعتراف نه ٿو ڪجي تيستائين انهن ۾ نه ته بهتري آڻي ٿي سگهجي ۽ نه ئي ڪا موثر منصوبه بندي ڪري ٿي سگهي.

هتي اسان جو مقصد سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ نه آهي ڇو جو سنڌ حڪومت جڏهن پاڻ اعتراف ڪري تعليم جي تباهيءَ تي سنجيدگيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪيئي منصوبن جو اعلان پڻ ڪيو آهي ته اسان فقط ايترو چوڻ چاهينداسين ته هاڻي گهڻو ٿي چڪو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان سلسلي ۾ عملي ۽ ٺوس قدم کنيا وڃن.

سنڌ هاڻي ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پر افسوس جي صورتحال اها آهي ته تعليم جي تباهيءَ جي ڪري سنڌي سماج جو سمورو ڌانچو تباهه ٿي ويو آهي، دنيا جو ڪهڙو به معاشرو هُجي اهو ادارن جي آڌار تي ترقي ڪندو آهي ۽ ادارا ئي معاشري کي ڪلهن تي کڻي بيهندا آهن پر اها هڪ قبوليل حقيقت آهي ته ادارا شخصيتون ۽ انهن جو فڪر جوڙيندا آهن ۽ وري اهڙيون لائق ۽ ڪارگر شخصيتون تعليمي ادارن مان پيدا ٿينديون آهن، جڏهن تعليمي ادارا ئي تباهه هوندا ته اهڙيون شخصيتون ڪٿان پيدا ٿينديون ۽ سنڌ جي حوالي سان وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي جو سوا ٻه ڪروڙ ٻارڙن ڪڏهن اسڪول جو منهن ئي نه ڏٺو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو مشڪل نه آهي ته سنڌ جو مستقل ڪهڙو هوندو.

اسين سنڌ حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا تعليم جي تباهين جي سمورن معاملن بابت مفصل ۽ جامع معلومات جمع ڪري، ۽ اها ئي ڪميشن دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي تعليمي نظام جو جائزو وٺي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سنڌي سماج کي جديد دور جي تقاضائن پٽاندڙ ڪهڙو تعليمي نصاب ۽ نظام گهرجي ان جو تعين ڪري ۽ هڪ تفصيلي رپورٽ سنڌ حڪومت آڏو پيش ڪري، رهيو سوال انهن تجويزن تي عمل جو ته بعد ۾ سنڌ حڪومت ڪا موثر حڪمت عملي جوڙي سگهي ٿي.

اسين اها ڳالهه وڏي اهميت واري انداز ۾ چوڻ چاهينداسين ته جيستائين سنڌ جو تعليمي نظام درست نه ٿو ٿئي ۽ تعليمي نصاب جديد تقاضائن پٽاندڙ نه ٿو جوڙيو وڃي تيستائين سنڌ جي تعليم بهتر نه ٿيندي ۽ سنڌ اڳتي وڌي نه سگهندي.

آچر 4 نومبر 2018ع، 25 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے