21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ:وڳڻ: ليڊي ھيلٿ ورڪر رخسانا سومرو جو ڪيس دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ھلائڻ لاءِ احتجاج

* وڳڻ   ۾ ڊيوٽي تان واپس ايندي ھٿياربندن ھٿان گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيل ليڊي ھيلٿ ورڪر رخسانا سومرو جو ڪيس دھشتگردي جي انت واري عدالت  ۾ ھلائڻ لاءِ سندس وارثن احتجاج ڪيو .

مقتول ليڊ هيلٿ ورڪر جي وارثن پاران  سندس امڙ زليخان سومرو ۽ ڀينرن آسيه سومرو  ۽ فرزانا سومرو  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

 متقوله ليڊي هيلٿ ورڪر جي وارثن   ٻڌايو ته رخسانه  کي ڪجھه سال اڳ جوابدارن بشير عرف مرتضيٰ چولياڻي، فيض محمد مغيري ۽ عبدالحميد بروھي بيگناهه قتل ڪيو .

 هنن ٻڌايو ته واقعي جي ايف آءِ آر پڻ وڳڻ ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جو قلم نه لڳايو ۽ بعد ۾ فيض محمد مغيري ۽ عبدالحميد بروھي جا نالا پڻ  ڪيس مان خارج ڪيا ويا.

ھنن چيو ته قتل ڪيس جو مک جوابدار بشير چولياڻي جيل ۾ آھي سندس وارث کين  راڄوڻي لاءِ ڌمڪائي رھيا آھن .

  هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي تھ آزاد ڪيل جوابدارن جي گرفتاري جي حڪم جاري ڪري جوابدان کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے