18 جمعہ , جنوری 2019

مطالعو ڊپريشن گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار

Just how helpful is reading for depression?ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه جي مصروف زندگي ۾ ڊپريشن عام بيماري بڻجي چڪي آهي ۽ هر ٻيو شخص ان بيماري جو شڪار آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته زندگي ۾ مطالعي جي عادت ڊپريشن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. يونيورسٽي آف سسڪيس ۾ ڪيل هڪ تحقيق موجب مطالعو ڪرڻ دل جي ڌڙڪن جي رفتار گهٽ ٿيندي آهي، جڏهن ته اعصاب کي پڻ پُرسڪون ڪندو آهي جنهن سان ذهني پريشاني گهٽجي ويندي آهي. تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مطالعو ڪنهن به طريقي کان وڌيڪ 68 سيڪڙو تائين ڊپريشن ۾ ڪمي پيدا ڪري سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته مطالعي دوران ڊپريشن  ۾ وڪوڙيل ماڻهن جو دماغ زندگي جي حقيقي مسئلن کان هٽي ڪري ڪتاب ۾ ڏنل صورتحال ۾ گم ٿي ويندو آهي جنهن سان سندس ذهني دٻاءُ ۽ پريشاني ۾ گهٽتائي ايندي آهي. تحقيق ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته باقاعدگي سان مطالعو ڪندڙ ماڻهو بزرگي ۾ يادگيري جهڙين بيمارين يعني ڊيمنشيا ۽ الزائمر کان محفوظ رهندا آهن. ماهرن تجويز ڏني آهي ته روزاني رڳو 6 منٽن جو مطالعو ڊپريشن مان ڪافي حد تائين ڇٽڪارو فراهم ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ ايڊز جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ ڏيڍ لک تائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے