15 ہفتہ , دسمبر 2018

سمنڊ ۾ چاڙھ سبب وڌندڙ خطرا

ربنواز راز ڄامڙو

گذريل 20 سالن کان پاڻي بحران چوٽ چڙهيل آهي . اهو بحران فقط اڪيلي سنڌ ۾ ناهي پر اهو پاڻي بحران ملڪ جي چئني صوبن تي بُري طرح اثرانداز ٿي رهيو آهي.  جيڪڏهن ٻين  صوبن سان سنڌ جي ڀيٽ ڪجي ته خبر پئجي ويندي ته ڪهڙو صوبو وڌيڪ متاثر ٿيو آهي .يقين سان چئي سگھجي ٿو ته پاڻي بحران ڪري ٻين صوبن کان سرس سنڌ صوبي  تي اثر پيو آهي . ايتري قدر جو سنڌ جو بيراني علائقي ٿر ۾ پاڻي بحران ڪري  سخت ڏڪار اچي ويو آهي . ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي حاصل ڪرڻ جو ذريعو کوھ هوندا آهن پاڻي جي کوٽ ڪري جر هيٺ ٿي ويو آهي . جنهن ڪري کوھ سڪي بٺ ٿي ويا آهن چيف جسٽس ٿرين جي سار لهڻ لاءِ قرب جا قدم ڀري اچڻ جي خاطري ڪرائي چڪو آهي ٻرندڙ ٻر جو حال ڏسڻ ضرور ويندس ، اوهان جي مسيحائي جي انتظار ۾ ٿري بي تاب آهن انهن جون دڳن ۾ ديدون آهن اوهان جي اچڻ واريون روزانو راهون تڪي رهيا آهن .خبر مطابق انهن جو اڄ به اهو ئي حال آهي جيڪو ڪجھ ڏينهن پھريان هو. ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي زندگين مٿان موت جو راڪاس لامارا ڏئي رهيو آهي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿيا. نومبر جي شروعاتي ٽن ڏينهن اندر 7 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هلندڙ سال فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو انگ 527 ٿي ويو آهي.

سائين جن کي منهنجي التجا آهي ته جڏهن اوهان خلق خدمت حقوق العباد لاءِ نڪرو ته سمنڊ جو دورو ڪرڻ نه وساريندا ٿر سان گڏ سمنڊ جي سار لهو ته آيا سمنڊ ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو يا نه؟ ڇاڪاڻ ته ٿر جيان سمنڊ جي باري ۾ ڪوڪار اچي پئي ته سمنڊ ۾ ڇڙيو پاڻي جنهن کي عام لفظن ۾ مٺو پاڻي سڏيو ويندو آهي، اهو مناسب مقدار ۾ سمنڊ ۾ نه ڇوڙ ٿي رهيو آهي جنهن ڪري ماٺيڻو سمنڊ جيڪو پنهنجي دائري ۾ يعني پنهنجي حدن ۾ ڪافي شور ڪندو رهندو آهي پر آس پاس جي علائقن کي تنگ نه ڪندو آهي، ان جو سبب اهو هوندو آهي جو سمنڊ ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي مسلسل پاڻي بحران جي ڪري سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇوڙ ٿي سگھيو آهي جنهن  هڪ سنڌ جي انهن علائقن جا جر کارا ٿي ويا آهن جيڪي سمنڊ جي ويجھو آهن ٻيو ته سمنڊ ۾ چاڙھ اچڻ ڪري سمنڊ سنڌ جي قيمتي زمينن کي ڳڙڪائي رهيو آهي .

سمنڊ جي اهڙي ڪيفيت بابت باخبر ذريعن کان خبر ملي آهي ته  سنڌ آبادگار بورڊ آر بي او ڊي مڪمل نه ٿيڻ، سنڌ جي تاريخي ڍنڍن جي تباهي، سنڌ کي گهرج موجب پورو پاڻي نه ملڻ ۽ سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي سمنڊ جي چاڙهه سبب مستقبل ۾ ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ سمنڊ کي ويجهو لڳندڙ ڪيترن ئي شهرن کي سخت خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهر ڪئي آهي ته سمنڊ ۾ گهربل پاڻي ڇڏيو وڃي، سنڌ جي ڍنڍن کي بحال ڪرڻ لاءِ تُرت اُپاءَ ورتا وڃن، آر بي او ڊي جو پڻ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪري ان کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. اهڙي گهر سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي عبدالمجيد نظاماڻي چيو ته سنڌ بيهڪ جي لحاظ سان پڇڙيءَ ۾ اچي ٿي، جنهنڪري پڇڙيءَ وارن جو پاڻيءَ تي وڌيڪ حق ٿئي ٿو پر بدقسمتي آهي جو ان اصول تي عمل ئي نٿو ٿئي ۽ سڀ کان وڌيڪ پڇڙي وارو علائقو ئي متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ بدقسمتي جي ڳالهه اها پڻ آهي ته سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي رهيو آهي، ان ۾ مقامي سطح تي پڻ ساڳئي طرح سان انصاف نه پيو ٿئي ۽ سنڌ ۾ پڇڙيءَ جا آبادگار پڻ ساڳئي طريقي سان پنهنجي حصي واري پاڻي کان محروم رهن ٿا. هن چيو ته سمنڊ کي به پاڻيءَ جي وڏي ضرورت ٿئي ٿي، سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سان ان جو چاڙهه وڌي رهيو آهي.60- 1950 ع واري ڏهاڪي ۾ ڊيلٽا ڏاڍو خوبصورت هو ۽ هر طرح جا جانور ۽ پکي پڻ موجود هئا پر پوءِ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ٿيڻ سان ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته سمنڊ جي چاڙهه سبب لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اها ئي صورتحال اڳتي به برقرار رهي ته ان جي نتيجي ۾ سمنڊ جي چاڙهه سبب ڪوٽڙيءَ، حيدرآباد ۽ سمنڊ کي ويجهو لڳندڙ ڪيترن ئي شهرن تي پڻ ان جا هاڃيڪار اثر پوندا، جنهنڪري ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته سمنڊ جو چاڙهه روڪڻ ۽ زمين کان اندر اندر ريسال  کي روڪڻ لاءِ ڪو بهتر اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي.

عبدالمجيد نظاماڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ ان لحاظ کان پڻ متاثر ٿئي ٿي جو ان جو زمين هيٺ (جر) استعمال جوڳو پاڻي پڻ پنجاب جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، سنڌ ۾ زمين هيٺ (جر) استعمال جوڳو پاڻي 2.5 ملين ايڪڙ فٽ جڏهن ته پنجاب ۾ 45 ملين ايڪڙ فٽ آهي، ساڳئي ريت سنڌ ۾ مينهن به ملڪ جي مٿين حصن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وسي ٿو، جيڪو اٽڪل 5 کان 9 انچ وسي ٿو جڏهن ته پنجاب ۾ 15 کان 18 انچ تائين وسي ٿو، موسمي لحاظ کان پڻ سنڌ خريف جي مند ۾ تيز هوائن سبب سخت متاثر ٿئي ٿي، ڏکڻ سنڌ ۾ سڪرنڊ تائين سمنڊ کان ايندڙ لوڻياٺيون هوائون لڳڻ سان فصل تباهه ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته سنڌ جون تاريخي ڍنڍون پڻ تباهه ٿي ويون آهن، جن جي بحاليءَ لاءِ سرڪار ڪوبه ڌيان نه ڌري رهي آهي. جن ۾ منڇر، ڪينجهر، حمل، نريڙو، هڏيرو، ڇاري، ڊرگهه، ڦوسڻا، مڇاري ۽ ٻيون شامل آهن. سنڌ آبادگار بورڊ آر بي او ڊي مڪمل نه ٿيڻ تي پڻ سختي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ چيو ته آر بي او ڊي جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب منڇر ڍنڍ ڪني پاڻي سبب متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سبب اها ڍنڍ ڊگهي وقت کان تباهيءَ جي ور چڙهيل آهي، اهي ڍنڍون سنڌ جو اهم ذريعو آهن، جيڪي تباهيءَ جي ور چڙهي چُڪيون آهيون، جنهنڪري ضروري آهي ته آر بي او ڊي کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن مٿان کان ايندڙ ڪني پاڻيءَ جو هنڌائتو نيڪال ٿي سگهي ۽ منڇر کي پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي، ساڳئي ريت سنڌ جي ٻين تاريخي ڍنڍن جي بحاليءَ لاءِ پڻ هنگامي بنيادن لاءِ پڻ اُپاءَ ورتا وڃن. اجلاس ۾ سيد نديم شاهه، عمران بوزدار، اسلم مري، يار محمد لغاري، مراد علي شاهه بڪيرائي، فرحان نظاماڻي ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي. سنڌ جو زمينون ٻن خطرن کي منهن ڏئي رهيون آهن هڪ پاڻي بحران کي ٻيو سمنڊ ۾ وڌندڙ چاڙھ واري غير يقيني صورتحال کي ٻئي صورتحون سنڌ جي زمينن لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن رياست کي ٻنهي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپائن وٺڻ جي اپيل ڪجي ٿي هن وقت سنڌ جا ساڃاھ وند فڪرات ۾ آهن ته انهن خطرناڪ خطرن کي ڪيئن منهن ڏجي ان جو حل واحد رياست وٽ آهي اها ئي سنڌ کي هن امڪاني محران مان ڪڍي سگھي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے