11 منگل , دسمبر 2018

امام بخاري ۽ فساد في سبيل الله

امتياز عالم

ثمر قند جي ڳوٺاڻي علائقي ۾ منجهند جو پهريون پهر جيئن جيئن گذري رهيو هو تيئن تيئن سيءَ ۾ به واڌ ايندي ٿي وئي، برفاريءَ جي مند ۾ وڻن ۽ ٻوٽن تي پيل برف به هاڻي سج جي ڪرڻن پوڻ ڪري سونهري تجلا ڏئي رهي هُئي. فضا ۾ عجيب سڪون ۽ ماحول ۾ گهٻراهٽ طاري هُئي. اهڙي ڪيفيت ۾ اسان گناهگار امير المحدثين عالي مرتبت امام بخاريءَ جي انتهائي پرشڪوهه مزار تي اسلام جي عظيم محقق ۽محدث اما بخاريءَ کي نذرانه عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿياسين.اما بخاري اسلام جي انهن محققن مان آهي جنهن حضور صلعم جون ڇهه لک کان مٿي حديثون گڏ ڪيون ۽ ست هزارن کان مٿي سقه حديثن جي ڪري ويهه انتهائي ضخيم ڪتاب مرتب ڪيا جيڪا اڄ اسلامي دنيا ۾ مستند مڃيا وڃن ٿا.

امام بخاريءَ اهو ڪم ٽين صدي هجريءَ ۾ ڪيو جڏهن اڃان علم جي ميدان ۾ تحقيق جو سلسلو اڃان پيدا به نه ٿيو هو جيڪو هڪ بي مثال ڪم آهي.امام بخاريءَ جي مزار تي نه نذراني جا گل هيا، نه اگر بتين جي خوشبو ۽ نه ئي وري باسُن جا ڌاڳا. ها البت مزار جي ڪنڊ ۾ ڪيئي ماڻهو مقامي عالمن جون جي ڳالهيون ضرور ٻڌي رهيا هيا. مزار جي هڪ ڪتبي تي امام بخاريءَ جي دين ڪم جا تفصيل درج هيا جن ۾ صحيح امام بخاريءَ جو ذڪر به هيو. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو هوندو جو امام بخاري ان وقت جي بخارا جي امير جي هٿان تنگ ٿي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ۽ شهر ڇڏي اچي ثمرقند جي هڪ ڳوٺ هر تانگ ۾ اچي پناهه گزين ٿيو هوندو ۽ وفات بعد دفن به اتي ٿيو جتي اڄ اسان سندس  حاضريءَ ۾ پيش ٿيا آهيون. اسان کي پنهنجي سفر ۾ پنهنجي صوفي ڀاءُ ملا نصير الدين آف بخارا جي تمام گهڻي ڳولا رهي جنهن جي اسان کي نه مزار ملي ۽ نه ڪو نالو نشان.

اسان ثمر قند ۾ ماضيءَ جون مزارون ڳولهي رهيا هياسين ، اسان کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان ۾ ڪهڙي ڌماچوڪڙي لڳي وئي آهي، هوٽل اچي واءِ فاءِ کوليو ته خبر پئي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجي هڪ فيصلي ۾ توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل آسيه بي بي کي انهيءَ شرمانڪ ۽ خوفناڪ الزام مان بري ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي. تفصيلي فيصلي پڙهڻ بعد معلوم ٿيو ته اهڙو قبيح الزام جيڪو آسيه بي بي تي هنيو ويو هو جنهن کي سپريم ڪورٽ ڪوڙو قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو اصل ۾ اهڙو واقعو پيش ئي نه آيو هو، ، پر جسٽس کوسه مطابق ” ڦارن جي باغ ۾ عورتن وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙي ۾ غلط بياني ڪندي معاملي کي وڌايو ويو“، عاشقان رسول جي دلين تي ڇنڊو پوڻ گهرجي ته سري سان رسول صلعم جي شان ۾ ڪا گستاخي ٿي ئي نه آهي. جڏهن اهو ثابت ٿي ويو ته سري سان رسول صلعم جي شان ۾ گستاخي ٿي ئي نه آهي ته پوءِ اهڙي الزم کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ هروڀرو گستاخيءَ جي بازار ڇو گرم ڪئي وئي آهي. جسٽس کوسه انهيءَ سلسلي ۾ قرآن سان رجوع ڪيو، ” اي ايمان وارئو! انصاف تي قائم رهو ۽ خدا لاءِ سچي گواهي ڏيو، پوءِ ڀل ان ۾ اوهان جي مان پيءُ ۽ رشتيدارن جو ڪو نقصان ئي ڇو نه ٿيندو هُجي“، ( سورت الانساءِ: آيت : 135). چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽن ميمبرن تي مشتمل بينچ جو فيصلي قرآن، سنت ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون جي روشنيءَ ۾ سمورين شاهدين ۽ اصل واقعي جي هر نقطي جي باريڪ بينيءَ سان جانچ بعد ڪيو ويو آهي.  معزز بينچ فيصلي دوران توهين رسالت جي حوالي سان اڳ ٿيل فيصلن جو پڻ جائزو ورتو ۽ انهن مان مدد حاصل ڪئي.

فوجداريءَ جي قانوني اصول موجب ڪنهن به الزام کي شڪ کان پاڪ نموني ثابت ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ملزم کي شڪ جو فائدو بطور حق ملي سگهي ٿو. سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته جج صاحبان هڪ اهڙي الزام ۾ ملزم / ملزمه کي اهڙي سزا ڪيئن ٿا ڏين جيڪا موت جي سزا آهي ۽ اهڙي الزام ۾ موت جي سزا جيڪو ٿيو ئي نه آهي، اهڙي صورتحال ۾ سزا ڏيڻ قتل جي برابر آهي، ان حوالي سان چيف جسٽس ، جسٽس ثاقب نثار قرآن مان حوالو ڏنو: ”جيڪو شخص ڪنهن کي قتل ڪندو ، يا ملڪ ۾ سزا ڏني وڃي، ان جهڙوڪر سمورن ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ جيڪڏهن ان جي زندگيءَ جو محافظ ٿيو ته ڄڻ هو سڀني جي زندگيءَ جي محافظ بڻجي ويو. انهن ماڻهن لاءِ پيغمبر روشن دليل آندا آهن پر پوءِ به اهي ماڻهو پنهنجو حدون اورنگهي وڃن ٿا.“ ( آيت، 5:32 ).

جسٽس کوسه آسيه بي بي ڪيس ۾ پنهنجو تفصيلي نوٽ تحرير ڪندي لکيو آهي ”توهين رسالت هڪ سنگين ڏوهه آهي، پر شڪايت گذار کان اپيل گذار جي مذهب ۽ مذهبي جذبن جي توهين ۽ پوءِ وري الله جي نالي سچ ۾ ڪوڙ کي ملائڻ پڻ توهين رسالت کان گهٽ نه آهي“. اهو هڪ سنگين مذاق آهي ته عربي زبان ۾ ”آسيه لفظ“ جي معنى ” گنهگار“ آهي، پر ڄاڻايل ڪيس ۾ ان جو ڪرادر شيڪسپيئر جي ڊرامي ”ڪنگ ليئر“ جي لفظن ۾ ” گناهه کان وڌيڪ گنهگار جو شڪار“جهڙو آهي.

عدالت عظمى پنهنجي فيصلي ۾ اهو سوال به اٿاريو آهي ته: ”جيڪڏهن اسان جو مذهب اسلام توهين رسالت جي مرتڪب ڪنهن شخص لاءِ سخت سزا تجويز ڪري ٿو ته پوءِ ان شخص خلاف به اسلام ۾ سزا ايتري ئي سخت آهي جيڪو ڏوهه ٿيڻ متعلق ڪوڙي الزام هڻي ٿو . تنهنڪري اسلامي جمهوري پاڪستان جي رياست جي ذميداري آهي ته رياست ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪنهن به شخص کي ڪوڙي الزام جي بنياد تي تفتيش ۽ عدالتن جون پيشيون نه ڀوڳڻيون پون“. توهين رسالت قانون جي حوالي سان اقليتن خلاف ناجائز استعمال جي حوالي سان ڪيل فيصلي جي پڇاڙيءَ ۾ جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس کوسه اقليتن جي حوالي سان قرآن ۽ سنت جي حوالي سان انتهائي لاڳاپيل حوالا پڻ ڏنا.

جسٽس ثاقب نثار حديث جو حوالو ڏيندي چيو: ”خبردار رهو! جيڪڏهن ڪوبه، غير مسلم اقليتن تي ظلم ڪندو، انهن سان سختيءَ سان پيش ايندو، انهن جا حق غضب ڪندو، انهن کي انهن جي برداشت کان وڌيڪ ايذاءَ ڏيندو ۽ انهن جي مرضيءَ خلاف انهن کان ڪجهه به ڦريندو ته مان ( حضرت محمد صلعم) ان متعلق قيامت جي ڏينهن شڪايت ڪندس“ ( ابو دائود)، جسٽس کوسه عيسائي مذهب جي جبل سينا جي راحبن سا ن حضرت محمد صلعم جي ڪيل ”ميثاق جبل سينا“ جو ذڪر ڪندي چيو، ”اسان انهن (عيسائين) سان گڏ آهيون.  حقيقت ۾ مان خود خدمتگار ۽ منهنجا مددگار ۽ منهنجا پيروڪار ان جو  دفاع ڪندا ڇو جو عيسائي منهنجا شهري آهن ۽ خدا جو قسم مان  ان عمل جي خلاف آهيان جيڪي انهن ( عيسائين) کي ناخوش ڪندا.“…۽ جيڪو انهن کا ڪجهه ڦري ويندو اهو جهڙوڪر الله سان واعدو ٽوڙيندو ۽ پيغمبر جي جي نافرماني ڪندو…… قوم ( مسلمانن) کي قيامت تائين اهڙي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه گهرجي. انهن آيتن ۽ حديثن جي روشنيءَ ۾ اها دعوى ڪئي ٿي وڃي ته اسلام سڀ کان وڌيڪ اقليتن جي تحفظ ڪندڙ مذهب آهي ۽ هر طرح سان اقليتن کي برابريءَ جي حق مهيا ڪندڙ مذهب آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے