18 اتوار , نومبر 2018

سمنڊ ۾ مسلسل چاڙهه حيدرآباد لاءِ خطرو قرار….،

سنڌ ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان پاڻيءَ جي گهڻي کوٽ رهي آهي، جنهن ڪري نه فقط سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي پر ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ڊيلٽا ۽ سامونڊي پٽيءَ وارا علائقا سخت متاثر ٿيا آهن، جنهن جو واحد سبب سمنڊ ۾ درياهه جي پاڻيءَ جو ڇوڙ نه ڪرڻ آهي، درياهه پاڻ هڪ زندگي هوندو آهي جڏهن ته درياهه جڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ته اهو درياهه وري سمنڊ ۽ ڇوڙ جي زندگي ٿي ويندو آهي، ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ متعلق ڪافي سالن کان وڏا پڙها پئي ڏنا ويا آهن، پر حقيقت حال هي آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ سڄي ملڪ ۾ نه پر سنڌ ۾ آهي، پاڻيءَ جي کوٽ جي حوالي سان ملڪ جي هڪ صوبي جي سياسي قيادت ۽ اشرافيه پاران جيڪا هميشه سياسي محاذ تي منظم ۽ سرگرم پئي رهي آهي، ان جو چوڻ رهيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي پر انهن ڪڏهن پنهنجي صوبي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ متعلق گذريل ٽيهن سالن ۾ نه ته ڪا هڪڙي ننڍڙي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪو احتجاج ڪيو آهي جڏهن ته سنڌ گذريل ٽيهن سالن کان پاڻيءَ جي معاملي ۾ سراپا احتجاج رهي آهي ۽ سنڌ جو چوڻ آهي ته جيڪو پاڻي موجود آهي ان مان ته برابريءَ جي بنياد تي حصو ڏيو، پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته اوهان لاءِ به هجڻ گهرجي رڳو سنڌ لاءِ ڇو، جڏهن ته پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڊيمن جي تعمير جو معاملو الڳ شيءِ آهي.

1991ع ۾ بين الصوبائي سطح تي جيڪو صوبن وچ ۾ پاڻي ٺاهه ٿيو هو ان ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 15- ايم اي ايف پاڻيءَ جو ذخيرو ڇوڙ ڪيو ويندو ته جيئن سنڌ جي ڊيلٽا ۽ ڊيلٽا سان لاڳاپيل سامونڊي جيوت ۽ انساني آباديءَ لاءِ زندگيءَ جو سلسلو قائم رهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ ڪري سمنڊ سنڌ جي سرزمين کي کائي رهيو آهي ان کي روڪي سگجي ٿو پر افسوس جو گذريل ٽيهن – چاليهن سالن کان وٺي سنڌ جي ڊيلٽا ۾ پاڻي مناسب ۽ مقرر مقدار ۾ نه پهچڻ ڪري صورتحال اها آهي جو سمنڊ هر روز سامونڊي علائقن جي سرزمين جا لڳ ڀڳ 30- ايڪڙ پائي رهيو آهي ۽ گذريل ٽيهن سالن ۾ اٽڪل 36 هزار ايڪڙ پائي چڪو آهي، جيڪا سرزمين سمنڊ پائي چڪو آهي ان ۾ سوين ڳوٺ ڪيئي ننڍا وڏا شهر، قبرستان ۽ سارين ڇڙڻ  جا ڪارخانا به شامل آهن،

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب جنهن شديد امڪاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويوآهي اهو انتهائي وڏو ۽ تاريخي هوندو. سنڌ آباد گار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻيءَ جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اعلى سطحي اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪري هيل سنڌ کي چيٽ جي فصلن لاءِ به پاڻي نه ملندو. سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻيءَ جو چوڻ هو ته سنڌ بيهڪ جي لحاظ سان پڇڙيءَ ۾ اچي ٿي، جنهن ڪري پڇڙيءَ وارن جو پاڻيءَ تي وڌيڪ حق ٿئي ٿو پر ان اصول تي عمل ئي نٿو ٿئي ۽ سڀ کان وڌيڪ پڇڙي وارو علائقو ئي متاثر ٿي رهيو آهي، عبدالمجيد نظاماڻي وڌيڪ چيو ته سمنڊ کي به پاڻيءَ جي وڏي ضرورت ٿئي ٿي، سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سان ان جو چاڙهه وڌي رهيو آهي، 60-1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڊيلٽا ڏاڍو خوبصورت هو ۽ هر طرح جا جانور ۽ پکي پڻ موجود هئا، پر پوءِ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ٿيڻ سان ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته سمنڊ جي چاڙهه سبب لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي وئي آهي، جيڪڏهن اها ئي صورتحال برقرار رهي ته ان جي نتيجي ۾ سامونڊي ڪناري وارا سمورا شهر سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هوندا ۽ ڪوٽڙيءَ ۽ حيدرآباد پڻ متاثر ٿيندو، جيڪا ڳالهه سوچيندي به ڪنبڻي وٺي ٿي وڃي، پر جيڪڏهن سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته پوءِ اسين حيدرآباد کي ٻڏڻ کان بچائي نه ٿا سگهون.

عبدالمجيد نظاماڻيءَ جو شمار سنڌ جي انتهائي معزز ۽ موثر آبادگارن ۾ ٿئي ٿو ۽ هُن جنهن پليٽ فارم تان ڳالهه ڪئي آهي اهو پليٽ فارم سنڌ جي سمورن آبادگارن جو گڏيل پيلٽ فارم آهي جنهن تا ڪا وائڙي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي، اسين سمجهون ٿا ته سنڌ آبادگار بورڊ جي اهڙي پريس ڪانفرنس بعد صورتحال کي انتهائي ڳنڀير وٺڻ گهرجي. اها ڳالهه نه فقط سنڌ جي عوام لاءِ الارمنگ آهي پر سمجهڻ اهو گهرجي جيڪڏهن سمنڊ حيدرآباد تائين پهچي ويو ته پوءِ اٽڪل اڌ سنڌ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندي، ان کان اڳ جو صورتحال سنگين ٿي وڃي، اسين سنڌ آبادگار بورڊ، سنڌ جي سمورين سياسي توڙي سماجي تنظيمن ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته ان سلسلي ۾ فوري طور تي هڪ اڀياس ڪرايو وڃي ته جيئن صورتحال جي سنگينيءَ جو اندازو ٿي سگهي ۽ بعد ۾ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن جن ۾ بنيادي قدم 1991ع جي پاڻي ٺهراءَ ۾ سنڌ کي پاڻيءَ جي فراهمي ممڪن بنائڻ آهي، هاڻي اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ حڪومتي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جڏهن ته سنڌ جو سياسي، ماحولياتي ۽ آبادگار تنظيمون هميشه انهيءَ مسئلي تي جدوجهد ڪنديون رهيون آهن.

سومر 5 نومبر 2018ع، 26 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے