21 جمعرات , فروری 2019

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، دڪاندارن جو احتجاج

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ حددخليون ختم ڪندڙ ٽيم طرفان صدر جي علائقي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي جڏهن ته دڪاندار آپريشن خلاف شديد احتجاج ڪري رهيا آهن.  پوليس ۽ رينجرز جي نگراني ۾ حددخلين جي خاتمي واري ٽيم  ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، پاسپورٽ آفيس ۽ لاڳاپيل روڊن تي حددخلين خلاف آپريشن ۾ مصروف آهي. حددخليون ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن دوران ٽيم دڪانن ٻاهران قبضو ڪيل جڳهن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ پاٿاريون هٽائڻ سان گڏ دڪانن تي لڳل سن سيڊ به لاهي ورتا.  ٻئي طرف صدر پارڪنگ پلازه جي چوڌاري قائم دڪاندارن آپريسن خلاف احتجاج ڪيو ۽ مظاهرين ايمپريس مارڪيٽ کان پارڪنگ پلازه ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو. حددخليون ختم ڪندڙ کاتي طرفان مختلف هنڌن تي بينر لڳايا ويا ۽ دڪاندارن کي اپيل ڪئي وئي ته هو فوري طور حدد خليون ختم ڪن ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي فوجي مارجڻ جو هڪ ٻيو واقعو…

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ فوجي ڪئمپ تي برفاني ڇِپ ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے