17 ہفتہ , نومبر 2018

افغانستان جي صوبي غزني ۾ طالبان حملو، 13 سيڪيورٽي اهلڪار اجل جو شڪار

At Least 13 Afghan Security Personnel Killed By Taliban Attack On Ghazni Checkpointڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي صوبي غزني ۾ طالبان حملي افغان فوجي ۽ پوليس اهلڪارن سميت 13 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته چار فوجي اهلڪار زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب غزني ۾ طالبان افغان فوج ۽ پوليس جي گڏيل چيڪ پوائنٽن تي حملو ڪيو. طالبان چيڪ پوائنٽ تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ اهلڪارن کي نشانو بڻايو . طالبان حملي ۾ مارجي ويل ۽ زخمين اهلڪارن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. غزني جي گورنر جي ترجمان عارف نوري موجب مارجي ويل ۾ ست فوجي ۽ ڇهه پوليس اهلڪار شامل آهن جڏهن ته چار فوجي اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن. ترجمان موجب صوبي ۾ گذريل ٽن ڪلاڪن دوران افغان فورسز جي ڪاروائين ۾ ڇهه باغي مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. فوري طور تي حملي جي نوعيت معلوم ناهي ٿي سگهي جڏهن ته افغان حڪومت حملي جي تصديق ڪئي آهي. هن وقت افغانستان جي پوليس ۽ فوج طالبان جي نشاني تي آهي ۽ طالبان طرفان وقفي وقفي سان سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد افغان سيڪيورٽي اهلڪارن جي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: غوثپور:ٽانوري برادري پاران ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ٽانوري برادري جي ماڻهن   صلاح،  نظام الدين ٽانوري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے