13 منگل , نومبر 2018

پنجاب ۾ ڪيميڪل مان تيار ڪيل شربتن تي ميون جون تصويرون لڳائڻ تي بندش

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پنجاب فوڊ اٿارٽي ڪيميڪل ۽ فليورز مان تيار ڪيل شربتن تي ميون جون تصويرون لڳائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.گذريل ڪجهه ڏينهن دوران پنجاب فوڊ اٿارٽي اهم فيصلا ڪيا آهن جنهن تحت ذايقي دار دٻن جي کير تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. خانگي ٽي وي چينل جي پورٽ موجب پنجاب فوڊ اٿارٽي ڊيري ڊرنڪس تي پابندي کانپوءِ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ جوسن جي حوالي سان پڻ اهم فيصلو ڪيو آهي ۽ ڪيميڪل، فليورز مان ٺهندڙ شربتن تي ميون جون تصويرون لڳائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ڊي جي فوڊ اٿارٽي محمد عثمان جو چوڻ آهي ته ميون جي نالي تي وڪرو ٿيندڙ ڪاربونيٽڊ ۽ نان ڪاربونيٽڊ فيلورڊ ڊرنڪس فطري خوراڪ نٿيون رکن، ميون جي جاءِ ڪيميڪل ۽ فليورز مان ٺهندڙ فليورڊ ڊرنڪس غذايت کان خالي هوندا آهن. ڊي جي فوڊ اٿارٽي چيو ته خالي ڪيليوريز تي ٻڌل ڪاربونيٽڊ ۽ فليورڊ ڊرنڪس جو  واڌ ويجهه تي هاڪاري اثر ناهن پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

4 سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 4 سالن دروان پوري ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے