10 پیر , دسمبر 2018

معافيون، معاهدا ۽ وري ڪارروائيءَ جو يوٽرن

امير ڀنڀرو

وفاقي سرڪار کي وري اهو خيال آيو آهي ته جن انتهاپسند، وڳوڙ، فرقيواريت ۽ نفرتون پکيڙي  ٽي ڏينهن پوري ملڪ جي عوام جو جئين جنجال ڪيو، جن کي ايلاز منٿون ڪري ساڻن معاهدو ڪري احتجاج ختم ڪرايو، ٻن ڏينهن کانپوءِ تن لاءِ وفاقي وزير فواد چوڌري چوي ٿو ته  ”مذهبي جماعتن جو احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ٿيل اهو معاهدو عارضي هو رياست کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو“ عمران خان حڪومت جي جيڪڏهن تبديليءَ واري نعري کانپوءِ سڃائپ رهي آهي ته هن جي يوٽرن وٺڻ واري رهي آهي عمل ۽ پنهنجن ئي ڳالهين تي يوٽرن وٺڻ جا جيڪي ٻن مهينن ۾ رڪارڊ قائم ڪيا آهن اهي شايد ماضيءَ جي حڪومتن پنجن سالن ۾ به نه ڪيا هئا، هڪ طرف فواد چوڌري چوي ٿو ته هو احتجاج ڪندڙ دهشتگرد هئا انتهاپسند هئا انهن ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ٻئي طرف هو چوي ٿو ته رياست جيڪو ان وقت ڳالهين جو رستو اختار ڪيو اهو بهتر عمل هو هتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنهن حڪومت جو وفاقي وزير انتهاپسند ۽ دهشتگرد قوتن کي سڃاڻي به ۽ وري  اها ڳالهه به ڪري ته انهن سان ڳالهيون ڪرڻ بهتر عمل هو ته ڇا انهي مان اهو سمهجي نٿو سگهجي ته حڪومت خود انهن ئي سڀني وڳوڙن شريڪ عمل هئي جن انهن کي کلي ڇوٽ ڏئي ملڪ جي امن سان اهڙي راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن راند واري باه مان ڪجه به ٿي سگهي پيو. هاڻي جڏهن پورو ملڪ ٽي ڏينهن انهن طالبان حوالي هو ٽن ڏينهن ۾ هنن پوري ملڪ جي امن سان اهڙو کيڏيو جيئن طالبان کيڏندا آهن، اهڙي ڏوهاري سرگرمين کانپوءِ وزير اعظم قوم کي خطاب ڪندي اهو اعلان ڪيو هو ته اهڙن انتهاپندن خلاف ڪاروائي ٿيندي وري انهن ئي حڪومت جي ماڻهن انهن کان معافيون وٺي معاهدو ڪيو هاڻي وري وفاقي سرڪار چوي ٿي ته ٽي ڏينهن سڄي ملڪ جي امن سان کيڏندڙ ملڪ جا دشمن هئا.

هاڻي انهن خلاف ڪاروائي ٿيندي ڇا حڪومت جي اهڙي ڳاله تي اعتبار ڪجي ڇا حڪومت جي اهڙي ڪاروائين جي ڳاليهن مان ڪا امن جي اميد رکجي ڇا حڪومت جي اهڙي ڳالهين مان اهڙي ڪا اميد رکجي ته حڪومت انهن ملڪ دشمنن خلاف ڪاروائي ڪندي جن ملڪ کي طالبان حوالي ڪرڻ جهڙو ڏوهه ڪيو انهن ملڪ کي انتهاپنديءَ جي شدت ڏني انهن ملڪ کي فرقيواريت جي هوا  ڏني جيڪا فرقيواريت ملڪن جا ملڪ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي. مان سمجهان ٿو ته حڪومت لاءِ پنجن سالن جو وڏو ۾ وڏو چئيلج اهو آهي ته انتهاپسندي فرقيواريت خلاف اها ڪاروائي ڪري  جيڪا هن ملڪ جي عوام  جو پنجاه سالن کان خواب رهي آهي، اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ جو عوام پنجاهه سالن کان انهيءَ انتهاپسندي فرقيواريت ۽ طالبائنيزيشن جو نشانو بڻجندو پيو اچي،  ڪڏهن شهر جا شهر بند ڪرائي پوري ملڪ جي عوام کي طالبان کان به خطرناڪ هجڻ جو احساس ٿو ڏياريو وڃي ته ڪڏهن جلسن جلوسن جي آڙ ۾ ملڪ جي عوام کي حيران ۽ پريشان ڪري اهو مسيج ڏنو پيو وڃي ته هن ملڪ ۾ سڀ ڪجه طالبنائيزشن جي ڪنٽرول ۾ آهي، هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي هميشه وڏي ۾ وڏي ناڪامي اها رهي آهي جو هر حڪومت پنهنجي ڪاميابين جو راز انهي ملائيت کي سمجهي ٿي جيڪا ملائيت هن ملڪ کي انتهاپنديءَ جو وڏو ۾ وڏو مورچو رهي آهي، جنهن جو وڏو ۾ وڏو نقصان اهو ٿيو آهي جو هن ملڪ مان اساما بن لادن کان وٺي ملان فضل الله تائين هزارين انتهاپسند ملڪ جي پيدوار آهن، وڏي ڳالهه ته افغانستان ۾ جيڪو هاڻي طالبان پيدا ٿيو آهي انهيءَ لاءِ به اهو ئي انڪشاف ٿيو آهي ته اهو پاڪستان جي پيداوار آهي انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ انهن جي ڪيتري پرورش ڪري وڏو ڪندي رهي آهي اهڙي صورتحال ۾ هميشا هن ملڪ ۾ طالبان سوچ خلاف ڪاروائي هميشا خواب رهي آهي.

هاڻي به لڳي ٿو ته عمران حڪومت عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي اهو ڪاروائيءَ جي نالي عوام جو حڪومتي نااهلين بابت ڌيان هٽائڻ جي سازش آهي جيڪا هن ملڪ ۾ اڌ صديءَ کان ٿيندي پئي اچي ٿي  هاڻي به ٻڌايو پيو وڃي ٿو ته پي ٽي آءِ  حڪومت  تحريڪ لبيڪ جي احتجاج دوران ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت گهرو وزارت سميت لاڳاپيل ادارن کان ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ مدد طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته حڪومت مذهبي پارٽين جي احتجاج دوران ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي نشاندهي لاءِ گهرو وزارت سميت ٻين ادارن کان مدد وٺي ورتي آهي.

جڏهن ته ٻئي طرف تحريڪ لبيڪ جي سربراهه مولانا خادم حسين رضوي، پير افضل قادري، ظهيرالحسن، فاروق الحسن سيمت چار سئو کان وڌيڪ مظاهرين تي لاهور جي سول لائنز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ايف آٰءِ آر سيل ڪئي وئي آهي ۽ ڪيس ۾ سنگين قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ تحريڪ تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف دهشتگردي، پاڪستان ۽ فوج خلاف بغاوت ڪرڻ، عوام ۾ نفرت پکيڙڻ واريون تقريرون ڪرڻ، 16 ايم پي او سميت قلم 144 جي ڀڇڪڙي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، فيصل آباد ۾ پوليس احتجاج ڪندڙ 3000 ماڻهن جي خلاف 29 ڪيس داخل ڪري سڄي ضلعي ۾ 218 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، چنيوٽ ۾ احتجاجي مظاهرين خلاف 3 ڪيس داخل ڪري 13 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، سرگوڌا ۾ 300 ڄڻن خلاف 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جهنگ ۾ 150 ماڻهن خلاف 2 ڪيس داخل ڪري 12 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۽ پهلوان ڳوٺ ۾ فائرنگ ڪرڻ ۽ زبردستي دڪان بند ڪرائڻ تي ٽن ملزمن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب دڪان بند ڪرڻ تي پسٽل ۽ ڏنڊن سان ليس هٿياربندن دڪان ۾ موجود ماڻهن تي حملو ڪيو، جنهن سان 4 دڪاندار زخمي ٿيا، جنهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

بدقسمتي اها به آهي ته انهن ملڪ دشمن عنصرن کي هتي قانوني ڪارروائين کان ڍِرَ ۽ ڇوٽ ملڻ ڪري وقت گذرڻ سان گڏ صورتحال بگڙجندي وئي ۽ اڄ اسين ان ڪوتاهي ۽ غفلت جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون جو فرقيواريت، انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ نسلي اسان جي ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے