11 منگل , دسمبر 2018

پرڏيهي محاذ تي اڪيلو ٿيندڙ پاڪستان

عارف  نظامي

پاڪستان ايڪويهه ڪروڙ عوام جي آباديءَ سان ڏکڻ ايشيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي جيڪو ائٽمي صلاحيتن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو مالڪ آهي، ائٽمي ٽيڪنالاجيءَ جي ڪيئي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ائٽمي ٽيڪنالاجي هندستان جي مقابلي ۾ ڪيئي دفعا وڌيڪ بهتر آهي. پاڪستان اهڙي علائقي ۾ آهي جتي سندس پاڙيسري ملڪن ۾ افغانستان، چين، هندستان ۽ ايران اچي وڃن ٿا ان ڪري پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ اهميت کان ڪنهن به طور تي انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، انهن سڀني ڳالهين جي هوندي به پاڪستان سڄي دنيا ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي، اهو هڪ اهم سوال آهي.

چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اقتصادي راهداريءَ جي حوالي سان انتهائي اهم آهن پر ان کان اڳ به  چين ۽ پاڪستان جي دوستي تاريخي حوالي سان انتهائي اهم آهي چين ۽ پاڪستان جو رشتو انتهائي باعتماد رشتو آهي، چين ۽ پاڪستان جي دوستيءَ متعلق اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته اها دوستي هماليه کان به وڏي، سمنڊ کان به گهري ۽ ماکيءَ کان به مٺي آهي، جڏهن ته ترڪيءَ جو شمار به اسان جي دوستن ملڪن ۾ ٿيندو آهي. سعودي عرب سان اسان جا گهرا دلي ۽ روحاني رشتا آهن ۽ ان سان گڏ سعودي عرب سان پاڪستان جا اسٽريٽيجڪ ۽ اقتصادي تعلقات به آهن. هاڻوڪي مشڪلاتن جي دور ۾ پڻ سعودي عرب پاڪستان کي ٽن سالن جي لاءِ قرض تي تيل ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ ۾ ٽي ارب ڊالر ڊيپازٽ ڪيا آهن ته جيئن پاڪستان جي معيشت کي سهارو ملي سگهي. ايران، پاڪستان جو اسلامي دوست ملڪ آهي، پر آمريڪا ۽ سعودي عرب سان پاڪستان جي ويجهن لاڳاپن ڪري تهران، اسلام آباد کي شڪ جي نظر سان ڏسي ٿو جڏهن ته پاڪستان پاڻ کي اولهه جي ملڪن جي سٿ ۾ وڌيڪ محفوظ محسوس ٿو ڪري. انهن حقيقت جي باوجود به اسان پرڏيهي محاذ تي مشڪلاتن جو شڪار آهيون.

تاريخي طور تي پاڪستان آمريڪا جو دوست رهيو آهي. آمريڪا ڪيئي دفعا پاڪستان جي اقتصادي مدد پڻ ڪئي آهي، دفاعي معاملن ۾ پڻ پاڪستان جو مددگار رهيو آهي پر ان هوندي به پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقاتن ۾ ڪافي ڇڪتاڻ ۽ بداعتمادي رهندي پئي آهي آئي، پهريان آمريڪا اهو پڻ چوندو رهيو آهي ته پاڪستان اسان جو اهڙو دوست آهي جيڪو دوست به آهي ۽ دشمن به آهي، انهيءَ صورتحال ۾ وڌيڪ تلخي تڏهن آئي جڏهن ٽرمپ انتظاميه اهو چوڻ شروع ڪيو ته اسان پاڪستان کي اربين ڊالر ان ڪري نه ڏيندا آهيون جو پاڪستان اسان جي اهڙن دشمنن جي مدد ڪري جيڪي افغانستان ۾ اسان جي فوجين جي خون سان هولي کيڏي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٽرمپ انتظاميه پاڪستان جي اقتصادي ۽ فوجي مدد بند ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪي فوجي مشقون ٿينديون هيون هاڻي اهي به بند آهن، ۽ سفارتي حوالي سان صورتحال اها آهي جو آمريڪا  پاڪستان خلاف انتهائي تلخ ۽ ترش زبان استعمال ڪندو رهي ٿو.

ڪجهه ئي ڏينهن ٿيندا ته آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽر مائڪ پومپيو چٽن ۽ واضعن لفظن ۾ چيو هو ته پاڪستان افغانستان ۾  دهشت گردن جي پٺي ٽپڻ ۽ سندن مدد جو سلسلو بند ڪري، هُن پنهنجي ڳالهه جي پٺڀرائي ڪندي چيو هو ته هو جيڪا ڳالهه ميڊيا تي ڪري رهيو آهي هو اها ئي ڳالهه پاڪستان جي اختيارين سان ٿيندڙ آمهون سامهون ملاقاتن ۾ ڪندو رهيو آهي. آمريڪا افغانستان جي جنگ ۾ تمام خراب نموني ڦاسي چڪو آهي، آمريڪا پنهنجي تاريخ جي ڊگهي جنگ وڙهي رهيو آهي جنهن ۾ آمريڪا جا سوين فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته آمريڪا جو اربين ڊالرن جو نقصان پڻ ٿيو آهي. آمريڪا افغانستان ۾ طالبان جهادين جي ڪاميابي جو ذميوار پڻ پاڪستان کي ٿو سمجهي، جڏهن ته ڪجهه ئي ڏينهن اڳ قنڌار ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ هڪ آمريڪي جنرل پڻ زخمي ٿي پيو هو ، آمريڪا انهيءَ حملي لاءِ پڻ پاڪستان کي ذميوار قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪيئي دفعا ترديد پڻ ڪري چڪو آهي.  ٻئي طرف ستم ظريفي اها آهي ته آمريڪا پاڻ به اها ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ اشرف غنيءَ جي حڪومت ۽ آمريڪا وچ ۾ ملاقات لاءِ ڪردار ادا ڪري هڪ وسيع البنياد حڪومت قائم ڪرائي جنهن سان افغانستان ۾ امن به قائم ٿئي ۽ آمريڪا جي به جان ڇٽي وڃي ۽ اهڙي حڪومت ۾ طالبان به اقتدار ۾ شامل هجن. ٻئي طرف آمريڪا جو پاڪستان کان اهو متضاد مطالبو به ٿيندو رهيو آهي ته پاڪستان طالبان سان سختيءَ سان پيش اچي.  اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته جيڪڏهن پاڪستان کي افغان طالبان کي ڳالهين لاءِ ميز تي آڻڻو آهي ته پوءِ انهن کي مارڪٽ ڪري ڪيئن ٿو ڳالهين جي ميز تي آڻي سگهجي، اهو به ان پس منظر ۾ ته افغان طالبان افغانستان جي هڪ وسيع علائقي تي قابض آهن ۽ سندن جو تمام گهڻو اثر رسوخ پڻ آهي. افغانستان جي معاملي ۾ زميني حقيقتون اِهي آهن ته افغان طالبان آمريڪا ۽ افغان حڪومت کان وڌيڪ سگهارا آهن ۽ اهي به ڪيئي سالن جي جنگ بعد هاڻي جنگ مان بيزار ٿي چڪا آهن ۽ چاهين ٿا ته ڪو امن ٿئي پر اهڙو امن آمريڪا جي شرطن تي ٿيڻ مشڪل آهي.

جنهن وقت جنرل  اشفاق ڪياني پاڪستان جو چيف آف آرمي اسٽاف ۽ شاهه محمود قريشي پيپلز پارٽيءَ جو پرڏيهي وزير هيو تڏهن اهي ٻئي صاحبان ڳالهين لاءِ واشنگٽن پهتا هيا جتي صدر اوباما سان ڳالهين جو دور هليو هو، ڳالهين دوران جنرل اشفاق ڪياني آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي ڪيئي صفحن تي ٻڌل سائڊ لائن نوٽس پيش ڪيا جن متعلق بعد ۾ هُن جي ايڇ ڪيو ۾ سينيئر اخباري عيوضين کي دعوت ڏئي گهرائي انهن سامهون پيش ڪيا هيا، انهن نوٽس ۾ جنرل اشفاق ڪيانيءَ لکيو هو ته طالبان چون ٿا ته آمريڪا جيترا سال چاهي جنگ ڪري ڇو جو آمريڪا وٽ گهڙي آهن ۽ اسان وٽ وقت، اسان کي آمريڪا جي جنگ سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي. انهيءَ ڳالهه کي هاڻي ڇهه سال ٿي چڪا آهن ۽ نيٽو فورسز کي افغانستان ۾ اڃا ڪا ڪاميابي ملي نه سگهي آهي پر انهيءَ سڄي صورتحال لاءِ پاڪستان کي ذميوار قراقر ڏنو پيو وڃي، خبر ناهي ته اسان افغان جنگ متعلق جيڪو چوندا رهيا آهيون ته اسان پاڻ دهشتگرديءَ جو شڪار آهيو، اهڙي صورتحال ۾ اسان ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي ڪيئن ٿا ڪرائي سگهو، دنيا اسان جي اهڙي موقف کي مڃڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي. ، ايتري قدر جو  پاڪستان جا بهترين دوستن ترڪي ۽ چين به دهشت گردن کي جي مالي سهائتا روڪڻ واري اداري  ( FATF ) ۾ پاڪستان خلاف ووٽ ڏئي چڪا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان گري لسٽ ۾ شامل آهي ۽ جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي ته پاڪستان بليڪ لسٽ تي اچي ويندو. اها اسان جي پرڏيهي ۽ سيڪيورٽي پاليسيءَ جي ناڪامي آهي.

ڪافي وقت بعد ملڪ ۾ فوجي ۽ سياسي قيادت هڪ پيلٽ فارم تي گڏ آهي تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪيترن ئي معاملن ۾ تبديليون آنديون وڃن. هونئن به علائقي ۾ تمام گهڻيون تبديلون اچي ويون آهن، آمريڪا ۽ هندستان هڪ ٻئي جا اسٽريٽيجڪ ساٿي بڻجي چڪا آهن ۽ چين ۽ پاڪستان هڪ ڊگهي عرصي کان اقتصادي ۽ دفاعي حوالي سان هڪ ٻئي جا ويجها دوست رهيا آهن، جنهن جو آمريڪا تي ڪو سٺو اثر نه پوندو آهي اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا اهو چوند و رهيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف ذريعي پاڪستان کي قرض ڏنا ويا ته پاڪستان اها سموري رقم چين جو قرض لاهڻ لاءِ استعمال ڪندو، پر ان جي موٽ ۾ پاڪستان هميشه اهو چوندو رهيو آهي ته پاڪستان جو اهُڙو ڪوبه خيال نه آهي.

پاڪستان يقيني طور تي اسٽريٽيجڪ ۽ دفاعي حوالي سان ته مستحڪم آهي پر پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو اقتصاديات جو آهي، جنهن ڪري پاڪستان ڪيئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي. اها خوشقسمتي آهي ته انهيءَ صورتحال جو ملڪ جي فوجي قيادت کي ادارڪ آهي. جيستائين پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعلقاتن ۽ علائقي ۾ روڊن ۽ رستن ذريعي راهداريون قائم نه ٿينديون تيستائين پاڪستان اقتصادي بحران ۾ ڦاٿل رهندو.  افغانستان ۾ آمريڪي سفير جان بس شوشو ڇڏيو هو ته پاڪستان افغانستان کي اقتصادي راهداري فراهم ڪري رهيو آهي، پاڪستان نه ته ان جي تصديق ڪئي ۽ نه ئي ترديد ڪئي پر بدقسمتيءَ سان مودي سرڪار اليڪشن کٽن بعد پاڪستان ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي. ٻئي طرف جيئن جيئن ڪشمير ۾ حريت جو جذبو وڌي رهيو آهي تيئن تيئن هندستان جا عالم انتهائي عياريءَ سان ان جو گند پڻ پاڪستان تي اڇلائي رهيا آهن. ان ڪر پاڪستان کي اڃان به وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان جي سرزمين کي ڪوئي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري نه سگهي. هندستان سان لاڳاپن جي حوالي سان خان صاحب اهو پڻ چئي چڪو آهي ته هندستان ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ چونڊن بعد هندستان سان پاڪستان بامقصد ڳالهيون ٿي سگهنديون، توقع آهي ته اهڙيون ڳالهيون برابريءَ جي بنياد تي ئي ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے