18 اتوار , نومبر 2018

زرعي پاليسيءَ جي ضرورت

سنڌ ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زرعي جنسن کي اگهه نه ملڻ ڪري سنڌ جي زرعي معيشت بلڪل به تباهه ٿي وئي آهي، جنهن کي گذريل سال ۽ هلندڙ سال ٻه وڏا جهٽڪا پڻ لڳي چڪا آهن، گذريل سال سنڌ ۾ آبادگارن جي اپايل ڪمند توڙي ڪڻڪ جي فصلن کي نه خريدار ملي پئي سگهيا ۽ نه ئي مناسب اگهه مليا، ايتري قدر جو آبادگارن پنهنجي ڪمند جا فصل ساڙي ڇڏيا، يا ڪمند سڪائي ڪاٺين جي اگهه تي وڪڻي ڇڏيو، ڪڻڪ ۽ ڪمند جي حوالي سان ڪيئي ڪيس سنڌ جي عدالت عاليه تائين پهتا، ۽ هن سال صورتحال اها آهي ته سڄي سنڌ ۾ تقريبا پوڻا ٻه لک ايڪڙن تي پوکيل ٽمامي ۽ بصر جي فصل کي تيار ٿيڻ بعد نه ته ڪو خريدار مليو ۽ نه ئي ڪو مناسب اگهه مليو جنهن ڪري اندازو آهي ته سڄي سنڌ ۾ ٽماٽي جي آبادگارن کي 4 کان 5 ارب روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، نقصان خاص ڪري ٽماٽي جي آبادگارن کي ٿيو آهي. اهڙي نقصان جو ڪاٿو ايوان زارعت سنڌ جي اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙيءَ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو جيڪو وڊيو لنڪ ذريعي هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، سکر ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ڏٺو ويو جتي جا آبادگار ۽ عيوضي پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.

پاڻي جي سخت کوٽ سبب ربيع ۽ چيٽ مندن ۾ ڪڻڪ جو فصل 50 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، هن وقت به ٻن مکيه ڪئنالن روهڙي ۽ نارا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو کان مٿي ٿي وئي آهي، ٽماٽو ۽ بصر لهڻ سان ئي ان جو اگهه ٽڪي ڌڙي ٿي ويو آهي، جو ٻاهران بصر ۽ ٽماٽو گهرائڻ سبب سنڌ جي آبادگارن کي پوکيل ٽماٽي ۽ بصر جو اگهه نه ملي سگهيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي پهتل نقصان جو اندازو اربين روپيا آهي، نقصان جي شدت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آبادگارن جا بصر ۽ ٽماٽي جي فصلن تي ڪيل خرچ به نڪري نه سگهيا آهن، هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٻاهران بصر ۽ ٽماٽي جون جنسون گهرائڻ تي فوري طور تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي سنڌ ۾ اپايل ٽماٽي ۽ بصر جي فصل کي فوري طور تي پرڏيهه ايڪسپورٽ ڪيو وڃي. هن ڀاڻ ۽ تيل جا مسلسل اگهه وڌڻ کي پڻ زرعي معيشت جي تباهيءَ جو ذميوار قرار ڏنو.

زاهد ڀرڳڙيءَ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جو کوٽ ۽ زرعي جنسن جا اگهه نه ملڻ ڪري صورتحال اها آهي جو آبادگار معاشي طور تي ڏيوالي جو شڪار ٿي ويا آهن، جن آبادگارن جا زرعي قرض کنيل آهن، انهن آبادگارن جون زمينون بئنڪن ذريعي نيلام ڪيون پيو وڃن، ۽ بئنڪ آفيسرن جا رويا آبادگارن سان توهين جوڳا ٿي ويا آهن.

سنڌ ۾ زرعي معيشت جي تباهي مجموعي طور تي سنڌين جي قومي معيشت جي تباهي آهي ڇو جو بنيادي طور تي سنڌين جي معيشت زراعت تي مدار ڪري ٿي، هڪ پاسي اهڙي ڳنڀير صورتحال آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ فوڊ ايمرجنسيءَ جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن ته ٻئي پاسي سنڌ حڪومت آهي جنهن جي خاموشي، بي ڌياني، لاپرواهي سنڌي عوام کي اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته آخر ڪار سنڌ حڪومت ٿيندي ڪيئن آهي، جي سنڌ حڪومت عملن ڪو وجود رکي ٿي ته ان جون ذميورايون ڪهڙون هونديون آهن، جي انهن کي ذميوارين جو احساس آهي ته پوءِ معاملن جو نوٽس ڇو نه ٿو ورتو وڃي، سنڌ هر طرح ۽ هر طرف کان تباهي جي ور چڙهيل آهي ۽ سنڌ حڪومت جو ڪو تحرڪ ناهي.

اسين سمجهون ٿا سنڌ جي عوام ۾ وڌندڙ بيچيني پنهنجي جاءِ تي بجا آهي ۽ سنڌي عوام جا اهڙا سوال به بجا آهن جو اهو انهن کي سياسي ۽ جمهوري حق حاصل آهي ته هو انهن ماڻهن کان يا ان پارٽيءَ جي اڳواڻن کان اهي سوال ڪري سگهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي غير فعال هجڻ ڪري ۽ سندن غلط پاليسين هجڻ ڪري سنڌ ۾ زراعت جون پرڏيهي جنسون اچن ٿيون جنهن ڪري مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ زرعي جنسن کي ڪو به اگهه نه ٿو ملي، ايتري قدر جو اهي مند جي حساب سان مارڪيٽ مان ايترو ملهه به حاصل ڪري نه ٿيون سگهن جو انهن جي فصل جو خرچ نڪري سگهي. آبادگارن جو مطالبو آهي ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ ۾ پرڏيهي زرعي جنسن جي درآمد ڪرڻ تي فوري طور تي پابندي لڳائين سنڌ جون اپايل زرعي جنسن جي فور طور تي روانگي واپار کي ممڪن بڻائڻ.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي آبادگارن جا اهڙا مطالبا ۽ گهرون نه فقط جائز ۽ اصولي آهن، پر انهن جو قبول ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ڇو جو سنڌ ۾ اپايل زرعي جنسن جو ملڪ اندر واپار ٿيڻ ۽ انهن جو پرڏيهي واپار ڪرڻ نه صرف آبادگارن کي معاشي فائدو ڏئي سگهندو پر ان سان گڏوگڏ انهيءَ عمل سان ملڪي معيشت پڻ سگهاري ٿيندي.

سنڌ جي زرعي معيشت جي بدحاليءَ جي حوالي سان اسان سنڌ حڪومت کي فقط ايترو چوڻ چاهينداسين ته جيڪڏهن اوهان جي ڪا زرعي پاليسي آهي ته ان تي عمل ڪريو ۽ جي ناهي ته ان کي ترتيب ڏيو ۽ ان تي عمل ڪيو، ٻي صورت ۾ سنڌ جي رزاعت جي تباهي پهريون مرحلو آهي، ٻئي مرحلي ۾ سنڌي جي مجموعي معاشي تباهيءَ کي روڪڻ بنهه ناممڪن هوندو.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي آبادگارن جي زرعي معيشت جي تباهيءَ لاءِ وفاقي توڙي سنڌ حڪومت جون غلط پاليسيون ۽ بي ڌياني ذميوار آهي تنهنڪري اصولي طور تي انهن جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي جيئن دنيا جا ٻيا ملڪ ڪندا آهن، اهو دنيا جي سڌريل، ترقي يافتا ۽ جمهوري ملڪن جو دستور آهي ته هو حڪومت جي غلط پاليسن ڪري عوام کي پهتل نقصان جو ازالو ڪندا آهن، اهڙو ازالو وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کي ڪرڻ گهرجي.

اڱارو 6 نومبر 2018ع، 27 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے