18 جمعہ , جنوری 2019

تڪراري بيان تي محسن خان جي متبادل لاءِ پي سي بي جا صلاح مشورا

Unhappy PCB stops Mohsin Khan from making ‘controversial’ statementsلاهور ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين محسن حسن خان جي تڪراري بيان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سندس متبادل جي ڳولا لاءِ صلاح مشورا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پي سي بي چيئرمين احسان ماني ڪرڪيٽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين محسن خان مان خوش ناهي جڏهن ته سندس بيان پي سي بيءَ لاءِ مشڪلاتون پيداڪري رهيا آهن. پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ محسن خان کي تڪراري بيان ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس ڪرڪيٽ جي معاملن تي توجهه ڏيڻ جو چيو ويو آهي. ذريعن موجب محسن خان پي سي بي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندو رهيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نئين چيئرمين بابت فيصلو ڪري سگهي ٿو جڏهن ته سندس متبادل لاءِ ڪرڪيٽ بورڊ صلاح مشورا به شروع ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته پي سي بي جسٽس قيوم رپورٽ جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ تڪرار تي اڃان وضاحتون ئي پيش ڪري رهيو هو ته ڪرڪيٽ ڪميٽي جي سربراهه محسن خان به منفرد بيان ڏيندي چيو ته ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني سرفراز احمد لاءِ بار آهي کيس ان ذميواري مان آجو ڪيو وڃي. ڪميٽي جي سربراهه جو بيان بنهه ان وقت سامهون آيو جڏهن قومي ٽيم آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ خلاف سريز لاءِ تياري ڪري رهي هئي. پي سي بي محسن خان جي بيان کي غير ضروري ۽ نامناسب قرار ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے