18 اتوار , نومبر 2018

اهي پروٽين شيڪ جيڪي ٻارن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهن

The protein shake that are most beneficial for childrenڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ٻارن کي کاڌو کارائڻ لاءِ مائرون سندن پٺيان ڊوڙڻ عام ڳالهه آهي، مائرن جي ڪوشش هوندي آهي ته ٻار کي اهڙي خوراڪ کارائي وڃي جيڪي مزيدار به هجي ۽ کين جسماني توانائي پڻ فراهم ڪري سگهي. پر مائرن لاءِ اهو هڪ مشڪل مرحلو هوندو آهي. ٻارن جي پسنديدا خوراڪ جنڪ فوڊ هوندي آهي جيڪا غذائيت کان خالي هوندي آهي. ٻار عام خوراڪ سان ڀرپور شيئون کير، انڊا، ميوا ۽ سبزيون وغيرا ناهن کائيندا. اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ اسان توهان کي اهڙي مزيدار پروٽين شيڪس ٻڌائي رهيا آهيون جيڪا اوهان جي ٻارن کي مزيدار به لڳندي ۽ کين بنهه سپر هيرو جهڙي توانائي مُهيا ڪندي.

آلمنڊ بٽر اينڊ بنانا پروٽين شيڪ

بادام، مکڻ ۽ ڪيلي جو اهو شيڪ اوهان جي ٻارن کي تمام گهڻو پسند ايندو. بادام چڪنائي، وٽامن اي، فائبر، آئرن ۽ پروٽين سان ڀرپور هونديدا آهن. اهڙي طرح ڪيلو به غذائيت سان ڀرپور خوراڪ آهي، ۽ فوري توانائي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. پر اهو خيال رکو ته اهو مزيدار شيڪ ٺاهي رڳو پنهنجن ٻارن کي ئي پيئاريو، مائرون پاڻ اهو پيئڻ کان پاسو ڪن ڇاڪاڻ جو ان کي واپرائڻ سان تمام جلدي سندن وزن وڌي سگهي ٿو.

ان کانسواءِ پائن ايپل ڪوڪونٽ ملڪ اسموٿي پڻ ٻارن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي.

چاڪليٽ پينٽ بٽر شيڪ

ٻار هوئين به چاڪليٽ جا ديوانا هوندا آهن. پينٽ بٽر سان گڏ چاڪليٽ جو شيڪ توهان جي ٻارن کي تمام گهڻو پسند ايندو، ۽ هو اهو روز پيئڻ جي فرمائش ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوگر کان آگاهي جو عالمي ڏينهن، پوري دنيا ۾ 42 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو مرض جو شڪار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ شوگر کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ملهايو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے