18 اتوار , نومبر 2018

پلاسٽڪ جي غيرضروري بوتلن مان دنيا جو پهريون” ايئروجيل“ تيار

Aerogel is made from waste plastic bottlesسنگاپور ( ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ پلاسٽڪ جي بوتلن جو گند انسانيت لاءِ مٿي جو سور بڻجي چڪو آهي پر هاڻ سنگاپورجي ماهرن ان جو هڪ بهترين حل ڳوليندي ان کي” ايئروجيل “ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي پلاسٽڪ جي بوتل کانسواءِ دنيا جو پهريون ايئروجيل چئي سگهجي ٿو. نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور( اين يو ايس ) جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ بوتل مان هڪ معياري صفحي ( اي فور) جي برابر ايئروجيل جي پتري شيٽ بڻائي سگهجي ٿي. هتان جي پروفيسر هاءِ من ڊونگ ۽ پروفيسر نان فان ٿائين ۽ سندس ساٿين پي اي ٽي ( پولي ايٿائلين ٽيرافيليٽ) مان تيار ڪيل بوتلن کي انتهائي ويجهڙائي وارن ريشن( فائبر) ۾ تبديل ڪيو ۽ ان کانپوءِ ان تي سليڪا جو ڪور چاڙهيو ويو. جيتوڻيڪ اهو عمل مشڪل لڳي ٿو پر ان ۾ بنيادي طور تي فائبرز کي صاف ڪيميائي عمل مان گذاري انهن کي خشڪ ڪرڻو پوندو آهي ۽ ان طرح هو  ڦوڪجي ايئروجيل جي صورت اختيار ڪري وٺندا آهن. ان ايئروجيل کي ڪيئي ڪمن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. غير ضروري پلاسٽڪ مان تيار ڪيل ايئروجيل جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ان کي باهه وسائيندڙ ماڻهن جي لباس ۾ ملبوس ڪري سگهجي ٿو. آزمائشي طور تي جڏهن ان کي فائبر فائٽر جي وردي تي لڳايو ويو ته هن  620 درجا سينٽي گريڊ تائين گرمي کي برداشت ڪيو ۽ وزن به روايتي لباس جيان 10 سيڪڙو تائين هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے