18 اتوار , نومبر 2018

آمريڪي وچ مدتي چونڊن کان اڳ فيسبڪ جا 30 ۽ انسٽاگرام جا 85 اڪائونٽ بند

Facebook blocks 30 accounts, 85 on Instagram ahead of US midterm pollsسان فرانسسڪو ( ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي وچ مدتي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش جي شڪ ۾ فيسبڪ جا 30 ۽ انسٽاگرام جا 85 اڪائونٽ بند ڪيا ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب فيسبڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ آمريڪا جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شڪي آن لائين سرگرمين بابت رابطو ڪيو، جنهن تي ڪاروائي ڪندي فيسبڪ جا 30 ۽ انسٽاگرام جا 85 اڪائونٽ بند ڪيا ويا. آمريڪي سيڪيورٽي اختيارين موجب اهي اڪائونٽ آمريڪا کان ٻاهر هلي رهيا هئا. فيسبڪ موجب فوري طور تي بند ڪيل انهن اڪائونٽن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. فيسبڪ موجب بند ڪيل اڪائونٽن گهڻي قدر فرانسيسي ۽ روسي زبان ۾ هئا جڏهن ته انسٽاگرام وارن اڪائونٽن جو گهڻو انگ انگريزي ۾ هو. ويجهڙائي ۾ آڪسفورڊ انٽرنيٽ انسٽيٽيوٽ جي تحقيقدانن پنهنجي رپورٽ ۾ ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا فارمزطرفان ڪريڪ ڊائون باوجود آمريڪي وچ مدتي چونڊن کان اڳ ” جنڪ نيوز“ جو پکيڙ 2016 جي صدارتي چونڊن جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ آهي. ان کان اڳ ٽوئيٽر پڻ اهو اعلان ڪيو هوته ان غلط معلومات پکيڙيندڙ ڪيئي اڪائونٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا آهن، پر ان ان حوالي سان ڪو به واضح  انگ ناهي ٻڌايو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے