18 اتوار , نومبر 2018

ڪراچي جون ٻهراڙيون بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسي پريشان

ڪراچي جون ٻهراڙيون بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسي پريشان |پروگرام : سنڌ نگر ، ميزبان:عنايت پيرزادو|  ٽيلي فون لائين تي: شفقت نوناري : گلشن اقبال : ظفر تگر : نوشهروفيرزو : اسماعيل پيرزادو : جوهي

*ٻهراڙين ۾پاڻي کوٽ، گندگي، بجلي ۽ گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ آهي: شفقت نوناري

*پوليس هٿان قتل ٿيل شفيق سولنگي جي خون سان انصاف نه ٿيو، جوابدار آجا آهن: ظفر تگر

*جوهي ۾پاڻي کوٽ، انسان، جانور ۽ پکي اڃ مرڻ لڳا، 3 لک ايڪڙ زمين بنجر بڻيل آهي: اسماعيل پيرزادو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ٻهراڙين ۾پاڻي کوٽ، گندگي، بجلي ۽ گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ آهي،نوشهروفيرو ۾پوليس هٿان قتل ٿيل شفيق سولنگي جي خون سان انصاف نه ٿيو، جوابدار آجا آهن، جوهي ۾پاڻي کوٽ، انسان، جانور ۽ پکي اڃ مرڻ لڳا، 3 لک ايڪڙ زمين بنجر بڻيل آهي،

تفصيل موجب

عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام سنڌ نگر ۾ميزبان عنايت پيرزادي سان ڳالهائيندي گلشن اقبال جي رپورٽر شفقت نوناري جو چوڻ هو ته ڪراچي جون ٻهراڙيون بنيادي سهولتن کان محروم ۽ رهواسي پريشانين جو شڪار آهن، هن چيو ته شهري علائقن جي نسبت ٻهراڙين ۾ترقي زيرو آهي، ماروئڙا ڳوٺ ۽ سيتا نگر ۾سيوريج جو نظام ناڪارا بڻجي ويو آهي گٽرن جو گندو پاڻي روڊ رستن تي بيٺل هجڻ ڪري رهواسي تڪليفن جو شڪار آهن، حڪومت 10 سالن ۾ٻهراڙين جي ترقي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، سندس چوڻ هو ته مختلف علائقن ۾پيئڻ جي پاڻي جي به کوٽ آهي پر  انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي جڏهن ته سچل ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ورهين کان ناڪارا بڻيل آهي، ٻهراڙين جا رهواسي سهولتن جي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، مڪمل رڪوري باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ جو به سلسلو به جاري ۽ گئس جو به بحران آهي، سياسي سماجي ڌرين ڪيترائي احتجاج ۽ سيمينار پڻ ڪرايا آهن پر انتظامي عملدار صرف رهواسين کي آسرا ڏيڻ ۾پورا آهن، رهواسين لاوارث بڻيل ٻهراڙين لاءِ اسڪيمون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي،

نوشهروفيروز جي رپورٽر ظفر تگر جو چوڻ هو ته پوليس هٿان قتل ٿيل شفيق سولنگي جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او سندن پٽ کي گرفتار ڪري 3 لک رپيا رشوت گهري ۽ رشوت نه ملڻ تي پوليس پٽ کي قتل ڪيو آهي، سيشن ڪورٽ ۾ايس ايڇ او سميت 6 جوابدارن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته نوجوان جا وارث ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي، سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ايس ايڇ او صرف ان نوجوان کي نه پر 30 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪري چڪو آهي، نوجوان جي وارثن قاتل پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،

جوهي جي رپورٽر اسماعيل پيرزادي جو چوڻ هو ته جوهي ۾ورهين کان پاڻيءَ جي کوٽ برقرار آهي ۽ رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن، 8 شاخن ۾پاڻي جي کوٽ سبب 3 لک ايڪڙ زمين بنجر بڻيل آهي، ٽن مهينن کان ڪنهن به شاخ ۾پاڻيءَ جو ڦڙو به نه آيو آهي، آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن پر چونڊيل نمائندن سندن ڪا به سار نه لڌي آهي، هن چيو ته سمورو تعلقو پاڻي کوٽ سبب معاشي بدحاليءَ جو شڪار آهي انسان، جانوري ۽ پکي به اڃ مرڻ لڳا آهن صورتحال سنگين آهي، هن چيو ته شهر جي واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل طور فعال نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته ڪاڄ ۽ فوتگي جي صورت ۾ٽئنڪر گهرايا وڃن ٿا، پ پ ٽن حڪومتي دورن ۾پاڻي کوٽ جو مسئلو حل نه ڪري سگهي آهي، هن چيو ته جوهي ۽ ڀرپاسي پيئڻ جو پاڻي لڳ ڀڳ پئٽرول جي قيمت تي وڪامڻ لڳو آهي، جوهي شهر جي 50 هزار کان وڌيڪ آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي، رهواسين ۽ سياسي سماجي ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي کوٽ جي خاتمي لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيم فعال بڻائي آر او پلانٽ لڳايا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے