21 پیر , جنوری 2019

رپورٽ |عذير بلوچ ڪٿي آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت کان جواب طلب

 سنڌ هاءِ ڪورٽ قتل، دهشتگردي، ڀتا خوري ۽ ٻين الزامن هيٺ گرفتار  لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ سان ملاقات نه ڪرائڻ ۽ کيس عدالتن ۾ پيش نه ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي آءِ جي جيل پاران لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ بعد وفاقي سرڪار کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو آهي.

عدالت عذير بلوچ جي گهرواري پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته  آءِ جي جيل پاران عذير بلوچ پاران لکت ۾ ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ جي حڪم تحت عذير بلوچ کي 11 اپريل 2017ع تي پاڪ فوج حوالي ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ عذير بلوچ واپس ناهي مليو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ جي حڪم تحت عذير بلوچ کي ميجر محمد فنين جي حوالي ڪيو ويو.

ڊپٽي اٽارني جنرل پاران وفاقي سرڪار جو جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت وفاقي سرڪار کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري 23 نومبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي

عذير بلوچ جي گهرواري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان رينجرس عذير بلوچ جي گرفتاري  2016ع ۾ ظاهر ڪئي جنهن بعد کيس 12اپريل 2017ع کان ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ساڻس ملاقات ڪرائي وئي آهي جنهنڪري خدشو آهي ته کيس گم ڪيو ويو آهي

رپورٽ- ماريه اسماعيل

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو

خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے