11 منگل , دسمبر 2018

تلاش کان تلاش تائين !

نصير سومرو

شعر جو ڌاتو ”شعور“ آهي.  ”لاشعور“، ”تحت شعور“ جهڙا اصطلاح به شعور جي ئي صورتن منجھان آهن.

صورت گريءَ جو عنصر، تفريق جو سنڌو آهي. اهو عنصر ئي ته آهي جيڪو شعر کي نثري ابلاغ کان مٿانهون ڪري ٿو. نه ته جذبن جو اظهار نثر ۾ به اثرائتو ٿئي ٿو.

اثرائتو، دراصل گھاڙيٽو ٿئي ٿو. ڊگھن داستانن جو ترت اثر نٿو ٿئي. اثر جي گھڙي بنهه مختصر ٿئي ٿي – ها ته ها، نه ته نه … نفسيات جو اهو نڪتو اهميت رکي ٿو.

اثر جي نامنڪليچر ۾ وقت جو دخل آهي. دلپذير ادب به پنهنجي پر ۾ روح عصر جي عڪاسي ڪري ٿو. ماضيءَ ۾ رهندڙ ئي موجوده دور کي ڪجھ نٿو ڏئي سگھي، سواءِ ڀڃ ڊاهه جي.

عصر جو اثر سان رشتو آهي. اثر ۽ عصر يڪتا وحدت  جا ترڪيبي عنصر آهن. ائٽم جي مرڪز وانگر عصري وحدت به ٻه عددي لقاءُ  آهي.

روح به هڪ مرڪز آهي جنهن جي چوڌاري ڦيرو رهي ٿو. مرڪزي داخليت، خارجيت سان ڳنڍيل رهي ٿي. ٻنهي مان ڪهڙو به هڪ عنصر نه رهندو ته وحدت به نه رهندي.

شعر جون ٻه سٽون، تصوير هڪڙي پيش ڪن ٿيون. تصوير جو اڀرڻ، وحدت سان مشروط آهي. ڇاڪاڻ ته وحدت مڪملتا جو احاطو آهي.

شعر، تصور جو اظهار آهي، جيڪو لفظن ۾ ٿئي ٿو. ڌڻ سان، جيڪڏهن ابلاغ ٿئي ته ڏسڻ واري جي ذهن ۾ تصوير اڀري ايندي. ”جيڪڏهن ابلاغ ٿئي“ مان سمجھڻ کپي ته هر شعر ترت سمجھ ۾ نه ايندو آهي. چاليهن سالن تائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تحقيق ڪري به شاهه جو رسالو نه سمجھائي سگھيو. نوان محقق ڀٽائي سمجھائڻ لاءِ ميدان ۾ لاٿا ويا آهن. جيئن نه اڏاوت جو بگڙيل ڪم نئين مستري کي سونپبو آهي ته هو اڳين مسترين جون غلطيون مزا وٺي وٺي بيان ڪندو آهي ته اهو سندس اڻ سڌو هوڪو چئبو. وڪري لاءِ هوڪو ته ڏيڻو پوندو، وکر گھٽ معيار جو هجي تڏهن به هٿيار اتم هجي تڏهن ته سرمائيداراڻي سرشتي جو بنياد ئي ان قسم جي چٽاڀيٽي تي بيٺل آهي.

اهو طئي آهي ته شاعري ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿي. ٻولي مان مراد لسانيات جو ثقافتي ۽ تهذيبي سٽاءُ آهي. لسانيات جو واسطو جاگرافيءَ سان آهي. جاگرافيءَ ذريعي ڌرتيءَ جي بيهڪ، قدرتي وسيلن، ماڻهن، ڌنڌن، ريتن رسمن ۽ تاريخي واقعن توڻي ماڳن جو هڪ جامع نقشو آڏو اچي ٿو.

معنيٰ لغت جي داخلا کان اڳتي آهي. معنيٰ کانسواءِ وصف بيان نٿي ٿئي. مطالعي، ويچارڻ ۽ مباحثي پڄاڻان نين ڪنڊن کان ڪيل جاچ جو ثمر آهي. جاچ جاري رهي ٿي. معنيٰ، وصف ۽ شرح جيسين تخليق سان هم آهنگ ٿئي، تيسين تحقيق جو جواز رهي ٿو. مک مونجھارو ان سبب جنم وٺي ٿو، جو تخليق جا ترڪيبي عنصر داخليت کان خارجيت ڏانهن وٺي ويندڙ آهن ۽ تحقيق جا خارجيت کان داخليت ڏانهن.  معنوي هم آهنگي هڪ وڏي للڪار آهي.

جاچ، تلاش آهي، تلاش ماورائيت جو ّخفت آهي. ننڍي کنڊ جو تخليقڪار متلاشي نظر ايندو. جاچيل سچ کي به خود جاچي مڃي ٿو. ڀٽائي به متلاشي هو. نه تلاش سولي آهي ۽ نه تلاش جو ڇيد سولو! خدا ڳولڻ نڪتا ته خدائي ڳولي لڌائون. خودي ۽ خدا جي وچ ۾ رشتو ڇاهي، يا اهو ته خدي نظر اچي ٿي ته خدا ڇونه ٿو نظر اچي؟

تلاش، فڪري اعتبار کان اڻٿڪ سفر آهي. اڻٿڪ سفر، اهو سفر جنهن جي انتها سان نئين سفر جي ابتدا ٿئي. ابتدا کان انتها، انتها کان ابتدا، ساڳي ابتدا کان انتها جو پڄاڻي کان مٿانهون سفر. هي نو ويئر  Nowhere)) کان نائو هيئر Nowhere)) تائين پهچڻ جو ڪشٽ آهي. نو ويئر ٻن لفظن جو مرڪب ته هڪ آهي، پر  پڙهڻي الڳ الڳ ٿئي ٿي. پهريون نو ويئر (No where) ۽ آخر ۾  ۽(Now here). تلاش کان تلاش تائين، ڪل پيران دا خير!.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے