15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڏياري ۽ خوشين جي دِيپ مَالاَ

مُڪيش جيٺانند بارٿاڻي

لفظ ڏياري اُچاريندي ئي هڪ عجيب قسم جي خوشي محسوس ٿيندي آهي. خوشين جو تعلق هر دور  ۾ انساني وجود سان تمام گهرو رهيو آهي. ڪنهن به لفظ جو اُچار  ٻوليءَ ۽ لهجي جي لحاظ کان ٿورو مختلف پڻ ٿيندو آهي. هن ڏڻ کي هنديءَ ۾ ديوالي، انگريزي ۾ ديپاولي ، فرينچ ۾ ديوالي يا دپاولي چيو ويندو آهي. هتي فرينچ ٻوليءَ ۾ فرق صرف رسمُ الخَط ۾ ئي هوندو آهي. باقي گهڻي ڀاڱي آواز ۽ اُچار ملندڙ جُلندڙ ئي هوندو آهي. جرمني ۾ انهي کي ديوالي يا ( لچرفِيسٽ) چوندا آهن. سولي سنڌي ۾ جنهن کي ڏياري چيو ويندو آهي. پر  هتي مطلب سڀني جو هڪ ئي  ٿيندوآهي. ڏياري جي لفظي معني ڏيئن جا ميڙ، يا گهڻن ڏيئن جون قطارون ئي آهي. ان ڏينهن کي ڏياري چئبو آهي.

ڏياري خوشين، محبتن ۽ روشنين  جو هڪ تهوار آهي. جيڪو انگريزي ڪئلينڊر جي مطابق هر سال آڪٽومبر جي آخر ۾  يا نومبر مهيني جي شروع  ۾ جڏهن ته هندوئن جي تاريخي ڌارمڪ ڪئلينڊر وڪرم سنبت جي حساب سان ڪارتڪ مهيني ۾ ٿيندو آهي. انهي ڏينهن تي لڪشمي ماتا (ڌن ديوي) جي خاص نموني پوجا ڪئي ويندي آهي. ڀارت ۾ ته ديوالي جي روايت هڪ ڊگهي ۽ طويل تاريخ رهي آهي. جنهن جا مثال ۽ حوالا مختلف ڀارتي ٽي وي چئنلز ۽ بين القوامي اخبارن ۾ پڻ ملن ٿا. اُترئين ڀارت واري پاسي ۾ ديوالي شري رامچندر جي ياد ۾ نهايت ئي عقيدي ۽ احترام وچان ملهائي ويندي آهي. ديوالي ايوڌيا نگري جي راجا شري رام پنهنجا 14 سال بنواس جا پورا ڪري واپس پنهنجي جنم ڀومي ايوڌيا نگري ۾ اچڻ جي خوشي ۾  ملهائي ويندي آهي. بنواس جي 14 سالن ۾ شري رام هزارين مشڪل گهڙيون ، ڪيترائي ڏکيا ڏينهن پڻ ڏٺا هئا. پر صبر ۽ همٿ کي هڪ سيڪنڊ لاءِ هيٺ ڪِرڻ نه ڏنائين. ايتري حد تائين جو بنواس ۾ رهندي  لنڪا جي ظالم راجا رواڻ جو شري رام جي پتني سيتا کي اغوا ڪري لنڪا کڻي وڃڻ جي ڪري رام ۽ راوڻ جي پاڻ ۾ جنگ به ٿي هئي. پر تڏهن به هن صبر ۽ تحمل  کي ڪو نه ڇڏيو هو.

اها جنگ ته شري رام کٽي ورتي هئي پر ڏٺو وڃي، اُها جنگ فقط شري رام ۽ راجا راوڻ جي جنگ نه هئي. اها جنگ ڌرم جي جنگ هئي. جنهن ۾ زندگيءَ جا ڪيئي فلسفا لڪيل آهن. جنهن ۾ ناحق ڪندڙن کي سزائون، ظالمن کي موت، لائق راجائن کي راج اسٿان، غير ذميوارين کي ذميداريون ۽ هر هڪ انسان کي پنهنجا فرضي ڪم ياد ڪرايا ويا آهن. اها جنگ سچ ۽ ڪُوڙ جي وچ ۾ هئي. اهو مقابلو حق ۽ ناحق جو هو. جتي سچ جي ڪاميابي ٿي. سڀني کان پهرين ڪتابي صورت ۾ رامائڻ کي سسنڪرت ٻوليءِ ۾ انهي وقت جي ساڌُو، فقير رِشِي والميڪي آندو هو. جنهن کي والميڪي رامائڻ پڻ چيو ويندو آهي. تنهن کان پوءِ اهو رامائڻ جو قِصو جنهن جو تفصيلي ذڪر رامائڻ ۾ بابا تلسي داس پنهجي ڪتاب (تُلسي ڪِرت رامائڻ) ۾ تمام خوبصورت لفظن ۾ ڪيو آهي. جيڪو ڪتاب هنديءَ دوهن تي مشتمل آهي.جڏهن ته ڏکڻ ڀارت جي ان حصي جنهن ۾ ڪوچيءَ ، بئنگلور ، حيدرآباد ، ٿيرو ننٿاپُورم  مُڌورائي ۽ چنائي وغيره جتي ديوالي شري ڪرشن ڀگوان جي ياد ۾ وڏي ڌام ڌُوم سان ملهائي ويندي آهي. ڏکڻ ڀارت واري پاسي ماڻهن جو ڏياري بابت اهو چوڻ آهي ته شري ڪرشن ڀگوان جي ناراڪاسُورا راڪاس سان جنگ ٿي هئي. جنهن جنگ ۾ شري ڪرشن ڀگوان ناراڪاسُورا راڪاس مٿان سوڀ حاصل ڪيائين. انهي کان علاوه ڀارت جي اُوڀر پاسي جي رياستن جنهن ۾ خاص ڪري ويسٽ بنگال جتي ڪالي ماتا جي پوجا ڪئي ويندي آهي. اُتي جي ماڻهن جو  اهو عقيدو آهي ته ڪالي ماتا ڪلڪتي والي جنهن باڪاسُرا راڪاس کي هن ڏينهن تي ماريو هو.ڪالي ماتا باڪاسُرا راڪاس کي ماري، غريب ماڻهن کي انهي جي قبضي مان ڇڏائي آزاد ڪرايو ۽ فتع حاصل ڪئي.  چوڻ جو مقصد ته ديوالي ملهائڻ جي پويان ڪيترائي ڪارڻ ۽ قِصا ٿي سگهن ٿا. پر ديوالي ڀارت سميت نيپال، بنگلاديش، پاڪستان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ خوشي جو تهوار ڪري ملهايو ويندو آهي. ديوالي تي ڀارت ۾ عام سرڪاري موڪل هوندي آهي. ٻين ملڪن ۾ عام موڪل ته ڪانه ڪئي ويندي آهي پر آسٽريليا، ڪئناڊا، انگلينڊ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ ديوالي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي آهي.  گذريل سال وانگر هن ڀيري به پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران اقليتن جي خوشي جي ڏڻ تي اقليتن جي لاءِ عام موڪل ڪئي ويئي آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ديوالي جي ڏڻ جي مذهبي ، سماجي ۽  ثقافتي لحاظ کان هڪ وڏي اهميت آهي. ڪيترن هنڌن تي وري  ديوالي کي  نئين موسم جي آمد جي ڪري پڻ ملهائيندا آهن. انهن جو مڃڻ آهي ته سياري جي شروعات ديوالي جي ڏينهن ئي کان ئي ٿيندي آهي. انهي ڪري خوشي ۾ ملهائيندا آهن.

چوڻ جو مقصد ته ڏياريءَ جو ڏينهن ساڳيو ئي هوندو آهي. اهو هڪ ئي مخصوص ڏينهن جو مقرر وقت تي دنيا جي مختلف حصن ۾ الڳ طريقن سان ملهايو ويندو آهي. بلڪل اهڙي ئي طرح سنڌ ۾ هر سال ديوالي عقيدي ۽ احترام وچان ملهائي ويندي آهي. جتي ڏياري کان هفتوکن پهرين پنهنجن گهرن کي صاف سُٿرو ڪيو ويندو آهي. ڳوٺن ۾ مهينو پهرين ديوالي جي تياري ۾ لڳي ويندا هئا. پراڻين عمارتن ۽ گهرن کي رنگ وغيره لڳائي خوب سينگاريو ويندو آهي. هاڻي دنيا وڌيڪ جديد ٿي ويئي آهي. نفسانفسي جي ڪري وقت ٿورو هئڻ سبب ٻه يا چار ڏينهن پهرين گهرن کي صاف سٿرو ڪندا آهن ائين سمجهيو ويندو آهي ته لڪشمي ماتا (ڌن ديوي) صاف سُٿري گهر ۾ سڀ کان پهرين قدم رکندي. انهي کان سواءِ گهرن جي ٻاهران رنگين گلن واري رنگولي ۽ پاسي ۾ لڪشمي جا پير پڻ ٺاهيا ويندا آهن. رات جو لڪشمي ۽ شري رام جي پوڄا ڪري خوشيءَ وچان هڪٻئي کي ديوالي واڌايون يا شُڀ ڪامنائون ڏيندا آهن. نوان ڪپڙا پائي ننڍا ٻار خرچيون گڏ ڪندا آهن. ويجها رشتيدار هڪ ٻئي جي گهر مٺائي کڻي ويندا آهن. ائين هڪٻئي سان خوشيون ورهائيندا آهن. ساڳئي پاسي نوجوان پِيڙهي پنهنجن دوستن سان گڏ رات دير تائين پارٽيون وغيره ڪندا آهن. ننڍرا ٻارگهرن ۾ ڦلجهڙيون ۽ ڦٽاڪا ٻاري آتش بازي ڪندا آهن.  مطلب ته ڏياري هڪ روشنين جو تهوار آهي. جيڪو اُونداهي کي شڪست ڏئي ۽ روشنيءَ کي ويلڪم ڪري ٿو.

شري رام جي زندگي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو اسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ڏک ۽  تڪليفون اچن. انهن مان بلڪل  گهٻرائڻ نه گهرجي. تڪليفن ۾ پڻ جيڪو فرضي ڪم هجي تنهن کي ايمانداري سان نڀائڻ گهرجي. زندگيءَ ۾ توڙي ڪيتريون ئي مشڪل گهڙيون ۽ ڏک اچن پر پنهنجي همٿ ۽ حوصلي کي بلند رکي صبر کان ڪم وٺجي ته زندگي ۾ بيشڪ ڪاميابي قدم چُمندي. تڏهن ته چيو ويندو آهي ته  رات ڪيڏي به وڏي ڇو نه هجي ، نيٺ ته صبح ٿيندو . جڏهن انسان پنهنجن مشڪلاتن ۽ مُصيبتن مان ٻاهر نڪري ايندو آهي ته چئني پاسي زندگي ۾ خوشين جي ڏيئن  جا جُوالا نڪرندا آهن. اها ئي ته ديوالي آهي. بلڪه هتي آئون اهو چوندس  ته سخت محنت ۽ مشڪلاتن کان پوءِ ملندڙ هر اُها ڪاميابي ۽ خوشي ديوالي ئي آهي. تڏهن ته شري رام جيستائين ايوڌيا نگري ۾ هو ، تڏهن فقط شري رام ئي هو. جڏهن 14 سال بنواس جا گهاري واپس ايوڌيا آيو تڏهن مريادا پرشوتم ٿي آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے