18 اتوار , نومبر 2018

مذهبي ڌرين جا احتجاج ۽ حڪومت جو غير ذميواراڻو رويو

آسيه بي بي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاران کيس آزاد ڪرڻ واري فيصلي بعد سڄي ملڪ ۾ ڪيئي مذهبي ڌرين سخت احتجاج شروع ڪيو هو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃا تائين جاري آهي، فيصلي جي پهرين ڏينهن بعد احتجاجن جي سلسلن ۾ سختيءَ سان گڏ شدت ۽ بعد ۾ وري تشدد جو رجحان وڌڻ لڳو هو، ملڪ جي ڪيئي علائقن خاص ڪري پنجاب جي علائقن ۾ روڊ رستا سختيءَ سان بند ڪري ٽريفڪ جام ڪئي وئي ۽ بعد ۾ گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو رويو ايتري قدر ته پرتشدد هيو جو اهڙيون ڪيئي گاڏين، ڪارون جن ۾ عورتون ۽ ٻار ويٺل نظر پئي آيا انهن کي به نقصان پهچايو ويو جنهن ڪري گاڏين ۾ ويٺل عورتون ۽ ٻار زخمي پڻ ٿيا، ڪيئي موٽر سائيڪل سوارن کي تشدد ڪرڻ بعد سندن گاڏيون ساڙيون ويون، مذهبي ڌرين جي احتجاج ۾ تشدد جو اهڙو عنصر نه صرف تشدد جي نوعيت کي بيان ڪري رهيو هو پر ان سان گڏوگڏ انهيءَ علامت جي غمازي پڻ ڪري رهيو هو ته اهڙو احتجاج ڪوبه معتدل مذهبي ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي ، احتجاج جو مقصد پنهنجو موقف يا احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ نه پر پنهنجو حڪم صادر ڪرڻ لڳي رهيو هو،

آسيه بي بي تي مبينا طور تي اهو الزام آهي ته هُو ”توهين رسالت“ جي مرتڪب ٿي آهي، تنهنڪري کيس جيڪا سزا اڳ مليل هُئي ان تي عمل ڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ پاران اپيل جي نتيجي ۾ سندس رد ڪيل سزا کي بحال ڪري کيس سزا ڏني وڃي، پر سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جيڪا چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس کوسه تي مبني هُئي ان ٻه رڪني بينچ قرآن ۽ حديثن جي ڪيئي حوالن سان ۽ حقيقتن جي بنياد تي فيصلو ڪري آسيه بي بي کي بي ڏوهي قرار ڏنو ۽ پنهنجي تفصيلي فيصلي جي نوٽ ۾ چيو ته ”جيڪو ڏهه ٿيو ئي نه آهي، ان جي سزا نه ٿي ڏئي سگهجي“.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد ڪيئي مذهبي ڌرين سڄي ملڪ ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو جيڪو لڳاتار ٽي ڏينهن جاري رهيون احتجاج جي نتيجي ۾ ٻيا ڪيئي نقصان ٿيا جن جو ذڪر ٿيندو رهيو آهي پر انهن احتجاجن ڪري ملڪ کي مجموعي طور تي ڪو ٽي ارب روپين جو نقصان ٿيو جيڪو ناقابل تلافي نقصان آهي، احتجاج ان وقت ٿي رهيا هيا جڏهن وزير اعظم عمران خان چين جي دوري تي روانو ٿيل هيو ۽ هو اتي چيني قيادت سان ڪيئي معاشي معاملن ۽ معاهدن تي ڳالهيون ڪري رهيو هو .

احتجاجن جي ٽئين ڏينهن تي حڪومت پاران تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري پنج نقطن تي ٺاهه ڪيو ويو جن نقطن تي ٺاهه ڪيو ويو انهن ۾ آسيه جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ ڪارروائي ڪرڻ، آسيه مسيح جي ڪيس ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي وئي آهي ان ۾ حڪومت ڌر نه بڻجندي،آسيه جي بربريت خلاف تحريڪ ۾ جيڪڏهن ڪي شاهديون سامهون آيون ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پنجين نڪتي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 30 آڪٽوبر ۽ ان کانپوءِ گرفتار ماڻهن کي بنادير آزاد ڪيو ويندو. تحريڪ لبيڪ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ٿيل ڳالهين بعد احتجاجن جو سلسلو ختم ٿي ويو، پر وري ٽئين ڏينهن تي اوچتو ئي اوچتو حڪومت ڪارروايون ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ مارڪٽ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪندي 300 کان مٿي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ لاهور پوليس روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ تحريڪ لبيڪ سربراهه خادم رضوي ۽ پير افضل قادري خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو . لاهور پوليس شهر ۾ روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي الزام ۾ 11 ايف آءِ آرز داخل ڪري ڇڏيون آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته خادم رضوي ۽ ٽي ايل پي اڳواڻ افضل قادري سميت 500 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته خادم رضوي ۽ افضل قادري جي ايف آءِ آر سيل ڪئي وئي آهي، ٻنهي تي روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جو الزام آهي، حڪومتي ڌر پاران اهڙيون ڪاررواين بعد وري مذهبي ڌرين احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ۽ نتيجي ۾ چئني صوبن ۽ گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف وزير اعظم جي چين جي دوري تان واپسيءَ بعد کيس سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

وزير اعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينه جي ٿيل هڪ اعلى سطحي اجلاس ۾ انهيءَ معاملي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي ڪميٽيءَ ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ فوڊ سڪيورٽي وارو وزير محبوب سلطان شامل هوندا.

اسين سمجهون ٿا ته ڪنهن به مسئلي تي ڪنهن به اشو تي احتجاج ڪرڻ پوءِ ڀل اهو سياسي هُجي، سماجي هُجي يا مذهبي هُجي، هر شهريءَ جو آئيني حق آهي، پر کيس اها اجازت نه ته آئين ٿو ڏئي، نه ته سماج ٿو ڏئي ۽ نه ئي سياسي اخلاقيات ٿي ڏئي ته هو پنهنجي احتجاج دوران تشدد جو رستو اختيار ڪري، تحريڪ ليبڪ پاڪستان ۽ ٻين سمورين مذهبي ڌرين پنهنجي احتجاج دوران جيڪو رويو ۽ حڪمت علمي اختيار ڪئي اها انتهائي خطرناڪ هُئي، پر ان سان گڏ اسان اها تنقيد ڪرڻ ۾ به حق بجانب آهيون ته حڪومت انهن احتجاجن کي جهڙي نموني منهن ڏنو ۽ بعد ۾ جيڪي حڪمران ڌرين جي ذميوران بيان ڏنا، رويا اختيار ڪيا ۽ عمل ڪيا اهي به انتهائي غير ذميواراڻا آهن جنهن ڪري مسئلو حل ٿيڻ بجاءِ جهڙوڪر وري شروع ٿيڻ پيو وڃي.

مجموعي طور تي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ايتري نازڪ آهي جو هاڻي ان انهن ۾ وڌيڪ هڙتالون، ڌرڻا ۽ احتجاج برداشت ڪرڻ جي سگهه ئي نه رهي آهي، تنهنڪري اسين تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اها ڳالهه گوشه گذار ڪنداسين ته آسيه بي بي ڪيس جي فيصلي بعد مذهبي ڌرين جا جيڪي احتجاج شروع ٿيا هيا ۽ وري شروع ٿيڻ جهڙي صورتحال آهي، انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي ۽ مذهبي ڌرين کي پڻ انهيءَ اها گذارش ڪنداسين ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪرڻو آهي ته ان لاءِ احتجاج جي پرامن رستا ۽ طريقا موجود آهن جن تي عمل ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهجي ٿو ۽ عدالتون به موجود آهن جتي فيصلي خلاف اپيلون به ڪري سگهجن ٿيون، پر امن ۽ عدالتي رستا اختيار ڪرڻ بجاءِ مامري کي حل ڪرڻ لاءِ پرتشدد رستو اختيار ڪرڻ مان نه ته مذهب کي فائدو پهچندو ۽ نه ئي عوام ۽ ملڪ کي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مذهبي ڌريون جيڪڏهن احتجاج ڪرڻ چاهين ٿيون ته پرامن رستو اختيار ڪن ۽ حڪومت کي به گهرجي ته انهيءَ معاملي کي ڪنهن هڪ رخ ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ حڪومتي اهلڪار اهڙا غيرذميواراڻا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪن جيڪي باهه تي تيل هارڻ برابر هجن.

اربع 7 نومبر 2018ع، 28 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے