13 منگل , نومبر 2018

چپن جي ڦاٽڻ جي پويان هي مسئلو ته ناهي لڪيل….؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هر ماڻهو کي زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن چپ ڦاٽڻ جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڪنهن کي ته معمولي خشڪي هوندي آهي ۽ ڪنهن کي وري گهڻي خشڪي هوندي آهي جنهن مان رت به نڪرندي آهي. هر عمر  جي ماڻهن کي ان مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ هي صرف عدم اطنينان جو سبب ناهي بڻجندو پر انتهائي تڪليف ڏيندڙ به ٿيندو آهي. عام طور ان کي سردي جي موسم يا خشڪ هوا جو نتيجو سمجهو ويندو آهي پر ان جا ڪجهه ٻيا سبب به هوندا آهن. ائين ته اڪثر هي پريشان ٿيڻ جهڙو مسئلو ناهي هوندو پر عام طور تي موسم ان جو وڏو سبب هوندو آهي.

پاڻي جي گهٽتائي: مايو ڪلينڪ موجب ڊي هائيڊريشن جي نتيجي ۾ جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي جي سبب هو عام افعال سر انجام ناهي ڏئي سگهندي. جيڪڏهن  پاڻي گهٽتائي نه ڪئي وڃي ته هائيڊريشن جو مسئلو هوندو آهي. اهڙو هجڻ تي جسم ۾ چمڙي مان پاڻي ڇڪيندو آهي ۽ انکي خشڪ ڪري ڇڏيندو آهي. عام طور تي چمڙي خشڪ هجڻ تي سڀ کان وڏيڪ چپ متاثر ٿيندا آهن ۽ ڦاٽڻ لڳندا آهن  ۽ زرد ٿي ويندا آهن.

چپ چٻائڻ يا چوسڻ: اڪثر ماڻهو چپ خشڪ ٿيڻ تي ان کي منهن جي اندر ڪي چوسڻ لڳندا آهن. جيڪا هڪ وڏو غلطي آهي.  لعاب ڏهن چپن تابن لهي ويندي آهي جنهن جي نتيجي ۾نمي وڌيڪ گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي . اهڙي طرح ٿڪ ۾ موجود ڪيميڪل چپن کي خشڪ ڪندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو وڌيڪ خشڪ، خارش جو شڪار ٿي ويندا آهن.

وٽامن اي جو وڌيڪ استعمال: مردن لاءِ وٽامن اي جي روزانو جو مقدار 900 مائيڪرو گرام جڏهن ته عورتون لاءِ 700 مائيڪرو گرام آهي. جيڪڏهن وڌيڪ وٽامن اي جو استعمال ڪيو وڃي ته ان سان چپ ڦاٽڻ، چمڙي ۾ خارش سميت ٻيان طبي مسئلا لاحق ٿي سگهن ٿا.

وٽامن جي گهٽتائي: وٽامن بي 2 جو عام طور تي کير، پالڪ،ڏهي، ۽ گوشت  وغيره ۾ موجود هوندي آهي جنهن جي جسم ۾ گهٽتائي ٿي وڃي ته چپ ڦاٽي پوندا آهي يا ته انهن جي مٿان زخم پيدا ٿي ويندا آهن.

کٽيون شيون:  ترش ميوا يا شئين ۾ موجود ايسڊ منهن ۽ چپن تي خارش جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيڪڏهن توهان چپ پهريان ئي ڦاٽي چڪا آهن يا خشڪ ٿي ويا آهن. ته اهڙن ميون ۽ سبزين کي کائڻ پاڻ کي تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو.

ان مان ڇوٽڪارو ڪئين حاصل ڪجي. ڦاٽل چپن جي علاج جو بهترين ذريعو مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ۽ چپن بام لڳائڻ کي برقرار رکڻ آهي. جيڪڏهن ته پوءِ به اهو مسئلو وڌي وڃي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪري ان کي پويان لڪيل سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

4 سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 4 سالن دروان پوري ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے