18 اتوار , نومبر 2018

ڪائنات جو قديم ترين ستارو دريافت

پيساڊينا(ويب ڊيسڪ)ڪيليفورنيا: اسان جي ڪائنات لامحدود آهي، ۽ هاڻي ماهرن ڪائنات جي هڪ گوشي ۾ قديم ترين ستارن ۾ هڪ ستارو دريافت ڪيو آهي جيڪو بگ بينگ جي عمل کان پوءِ ڪائنات جي پيدائش جي فوري بعد کان پوءِ وجود ۾ آيو هو ۽ هي ستارو ساڍا 13 ارب سال پراڻو آهي. ماهرن چيو آهي ته هي ستارو ساڍا 13 ارب سال قديم آهي پر اسان  جي ملڪي وي ڪهڪشان جي پاڙي ۾ موجود آهي ۽ هن خبر جو هي پهلو سڀ کان حيرت انگيز آهي، فلڪيات دانن هن کي  2MASS J18082002–5104378 Bجو پيچيده نالو ڏنو آهي ۽ شايد هي اڃان تائين اسان جي معلومات جي موجب ڪائنات جو سڀ کان پراڻو ستارو به ٿي سگهي ٿو.  ان جو اهم ثبوت اهو به آهي ته شروعات جي ڪائنات ڌهاتون موجود نه هئون ۽ هن نئي دريافت ستاري ۾ سڀ کان گهٽ ڌهاتون مليون آهن. ڪائناتي ڄاڻ جي تحت پهرين نسل جي ستارن ۾ آهستي آهستي ڌهاتين ٺهڻ شروع ٿيون جيڪي ان جي هولناڪ اختتام تي اچڻ کان پوءِ پوري ڪائنات ۾ پکڙجي ويون. بگ بينگ کان پوءِ جيڪي ستارا ٺهندا ويا انهن جا نسل به وجود ۾ ايندا ويا مثال طور سج بگ بينگ سان ڪائنات جي آغاز کان پوءِ هڪ لکين نسل جو ستارو آهي ۽ هر نسل جي ستارن ۾ ڌهاتون جي تعداد جو  درجو وڌندو ويو. ان ستاري ۾ ڌهاتين جو مقدار گهٽ آهي يعني اسان جي زمين تي موجود ڌهاتون کي مقدار جو صرف 10 سيڪڙو هن وڏي ستاري ۾ ڏٺو ويو. هن مشاهدي سان ماهرين هي نتيجو ڪڍيو آهي ته اسان پنهنجي ملڪي وي ڪهڪشان جي ستارن جي تاشقند( اسٽار ڊسڪ) اسان جي اندازي کان به 8 کان 10 ارب سال وڌيڪ پراڻي آهي. هي ستارو ڪهڪشان جي ڪناري تي موجود آهي ۽ ان جي ڪميت اسان جي سج جي 10 سيڪرو حصي جي برابر آهي.هن جي دريافت سان اسان کي خبر پوي ٿي ته ڪائنات جا شروعاتي ستارا ضروري ناهي ته ايترا وڏا ۽ ننڍا هئا، پر ان ۾ ڌهاتون جو مقدار ڪجهه گرام تائين  ئي هوندو. ماهرن جو خيال آهي ته هن ستاري کي ڏسي ڪري گهڻي حد تائين  اسان کي شروعاتي ڪائنات ۽ ستارن کي سڃاڻڻ ۾ ڀرپور مدد ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے