15 جمعرات , نومبر 2018

4 سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 4 سالن دروان پوري ملڪ ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جڏهن ته 6 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڪانگو بخار کان متاثر ٿيا. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 4 سالن دوران ڊينگي ۽ ڪانگو کان متاثر ماڻهن جي تفصيل پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب سال 2015 کان هاڻي تائين 51 هزار 764 ڄڻا ڊينگي کان ٿيا. سڀ کان وڌيڪ 28 هزار 298 صوبي  خيبرپختونخواه مان متاثر ٿيا. هن عرصي ۾سنڌ صوبي ۾ 10 هزار 447 ۽ پنجاب صوبي ۾6 هزار ڄڻا ڊينگي جو نشانو بڻيا. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 3 هزار 930 ڄڻا جڏهن ته بلوچستان مان 1965 ماڻهو ڊينگي کان متاثر ٿيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان دوران پوري ملڪ 107 ماڻهو بخار سان فوت ٿي ويا. ٻئي طرف  ڪانگو وائرس 4 سالن ۾ 613 ماڻهن کي نشانو بڻايو، ڪانگو وائرس ۾ سڀ کان وڌيڪ 424 ڄڻا صوبي بلوچستان مان متاثر ٿيا. صوبي سنڌ ۾ڻ 63، پنجاب ۾51 ۽ خيبرپختونخواه 51 ماڻهو ڪانگو وائرس جو نشانو بڻيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے