13 جمعرات , دسمبر 2018

چين پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته چين پاڪستان جيان هر قسم جي مدد ڪندو. وزير اعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جا ميمبر به ملاقات ۾ شريڪ هئا. وزير اعظم ۽ شرڪت ڪندڙن جي وچ ۾ خيبرپختونخواهه جي ترقياتي ڪمن بابت ڳالهيون ٿيون ۽ مڪاني نظام بابت وزير اعظم کي آگاهه ڪيو ويو. وزير اعظم پارليامينٽ جي ميمبرن کان خيبر پختونخواهه ۾ گورننس بابت به پڇاڻو ڪيو. عمران خان قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي گذريل حڪومتن جون ناقص پاليسيون ايوان ۾ بحث هيٺ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزير اعظم چين جي دوري بابت به آگاهه ڪندي چيو ته چين پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪندو ۽ شارٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم معاشي پيڪج ڏيندو، چين جي دوري ۾ صنعتي زون کي جلد آپريشنل ڪرڻ جو فيصلو به ٿيو آهي. ان کان سواءِ وزير اعظم عمران خان سان قبائلي علائقن جي ٻه قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ علي وزير به ملاقات ڪئي جنهن ۾ فاٽا جي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم چيو ته فاٽا ۾ گڊ گورننس کي يقيني بڻائينداسين، قبائيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، فاٽا جي رهواسين کي سمورا حق ڏنا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے