13 جمعرات , دسمبر 2018

وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ڪامياب چين جي دوري بعد وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ 21 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو ۽ چين جي دوري دوران معاهدن جي تگصيل بابت آگاهه ڪيو ويندو. تفصيل موجب وزير اعظم قومي سلامتي واري ڪميٽي کان پوءِ وفاقي ڪابينا کي چين جي دوري بابت اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪندي سڀاڻي وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ 21 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چين جي دوري دوران معاهدن جي تفصيل بابت آگاهه ڪيو ويندو ۽ مرڪزي قيادت، ترجمانن کي به چين جي دوري تي بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ چيئرمين ٽريڊنگ ڪارپوريشن ۽ چيف ايگزيڪٽو آفيسر پبلڪ پرائيويٽ اٿارٽِ جي مقرري جي منظوري ڏني ويندي. ايجنڊي ۾ 5 خطرناڪ ماڻهن کي تحويل ۾ رکڻ جي منظوري ۽ برطانيا ۽ آئرلينڊ سان قيدين جي بدلي واري معاهدي جي به منظوري شامل آهي. اجلاس ۾ موجوده حڪومت جي فيصلن تي عملدرآمد بابت رپورٽ جو جائزو ورتو ويندو. وفاقي ڪابينا جي ايجنڊي ۾ لبرٽي ايئر لائن جي لاءِ ڪلاس ٽو جا چارٽر لائسنسن جي منظوري، انجنيئرنگ ترقياتي بورڊ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي بحال ڪرڻ جي منظوري شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے