13 جمعرات , دسمبر 2018

نيب کي سياسي انتقام لاءِ ٺاهيو ويو، حڪومت جي پرڏيهي پاليسي پِنڻ آهي: پ پ چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت جي ڪا پرڏيهي پاليسي ناهي، حڪومت جي پرڏيهي پاليسي پِنڻ جي پاليسي آهي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب کي سياسي انتقام لاءِ ٺاهيو ويو، حڪومت رٽ قائم نٿي ڪري سگهي ته نئون پاڪستان جو ٺاهيو هو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف حڪومت سئو ڏينهن جا واعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نٿي اچي، ڌمڪيون اهي ڏيندا آهن جيڪي پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪندا آهن، پنجاب ۾ هنن جو وڏو وزير ڪمزور ترين آهي، مرڪزي حڪومت به چند ووٽ جي فرق سان ٺهيل آهي. پ پ چيئرمين موجب عمران خان چيو هو ته ڪستو ٽوڙي ڇڏينداسين، آپگهات ڪري ڇڏيندس پر قرض نه وٺندس، سعودي پيڪيج جا تفصيل نه ٻڌايا ويا. هن چيو ته ملڪ جي معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي تي ڪو جواب نه پيو ڏنو وڃي، اندرين سيڪيورٽي صورتحال تي يوٽرن کانسواءِ ڪجهه ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان گورنر راڄ جهڙين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو ناهيون، پ پ سنڌ ۾ اڳ کان گهڻي اڪثريت کڻي آئي، عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي بجيٽ گهٽ ڪئي، سئو ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن، پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب صوبي جو واعدو ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جو ڏکڻ پنجاب کي صوبو بڻائڻ لاءِ بل موجود آهي، مان ته چوندو هيس تحريڪ انصاف اسان جي بل تي پنهنجو نالو لکي پيش ڪري ڇڏي، ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ بل جي آڇ تي حڪومت ڪو جواب نه ڏنو، جيڪڏهن 100 ڏينهن ۾ حڪومت ڏکڻ پنجاب ٺاهيو يا سنجيدا قدم کنيو ته تعريف ڪنداسين. هن چيو ته اسان معيشت تي ڳالهائڻ چاهيو پر حڪومت اڃا تائين ان حوالي سان ڪجهه ناهي ڪري سگهي، موجوده حڪومت ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻي مهانگائي ڪئي، پيٽرول، گئس ۽ کاڌي پيتي جون شيون به مهانگيون ڪيون ويون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خان صاحب جو چوڻ هو اسان نه پِننداسين، تحريڪ انصاف وٽ حڪومت هلائڻ لاءِ ڪا پاليسي ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊالر جو مُلهه وڌڻ معيشت لاءِ ضروري آهي: اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوا چيو آهي ته ڊالر جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے