19 جمعہ , اپریل 2019

رپورٽ| ملير : پپري جي رهواسڻ جو نياڻي رسول بخش پنهور خلاف احتجاج

ملير  ۾  پپري جي رهواسڻ منور خاتون پنهنجي ڌيئرن سميت پنهنجي  نياڻي رسول بخش پنهور  خلاف احتجاج ڪيو .

عورت پنهنجي نياڻي خلاف احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته  نياڻو هن جي  اڪائونٽ مان 5 لک روپيا چوري ۽ ڌي کي گهران ڪڍي  ڇڏيو آهي.

پيرسن منور خاتون چيو ته ڪجهه مهينا اڳ هن  جو  15 ورهين جو  پٽ ڪفايت علي عسڪري پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو هو، جنهنجو معاوضو مليو هو، جيڪي پئسا سندس نياڻو ڪڍرائي ويو آهي.

عورت ٻڌايو ته  رسول بخش پنهور هن جي  ڌي عارفا  کي به گهران ڪڍي ڇڏيو آهي.

هن چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  رقم واپس ڏياري  جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

رپورٽ -جميل چانڊيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:سوڀو ديرو: يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا امتحان جاري، پيپر وقت کان اڳ آئوٽ

*سنڌ جي بين شهرن جيان سوڀي ديري  ۾ به يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا امتحان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے