18 اتوار , نومبر 2018

ڪراچيءَ جون حددخليون هٽائڻ ڪنهن به نقصان کانسواءِ قبول آهن

هڪ ڀيرو ٻيهر، ٽيهر يا ان کان به وڌيڪ ڀيرا ڪراچيءَ جي مُک علائقي صدر ۽ ان جي آس پاس ٿيل حددخلين هٽائڻ لاءِ پوليس پاران آپريش شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ دڪانن آڏو حدکان وڌيڪ قبضن هيٺ آيل حصي کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.

اهو سچ آهي ته ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي جا روڊ رستا حددخلين سبب سوڙها ٿي ويا آهن، جنهن جو سبب اها قبضي گير ذهنيت آهي، جيڪا قانوني، شهري ۽ اڃا به اخلاقي قدر پارڪندي، هڪ اهڙو عمل ڪري رهي آهي، جيڪو نه رڳو ڪنهن به طرح مناسب نه آهي، پر ان سبب ڪري ٽريفڪ جو نظام ڀڄي ڀُري رهيو آهي، صدر جي علائقي ۾ بلڊنگن توڻي دڪانن اڳيان هلندڙ ماڻهن لاءِ جوڙيل ڦٽ پاٿون به دڪاندارن والارهيٺ آڻي ڇڏيون آهن، جنهن سبب انهن تان عام ماڻهوءَ جو هلڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي ريڙهين وارن روڊ جو وڏو حصو والاري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هڪ طرف ٽريفڪ توڻي عام پنڌ هلڻ وارا ماڻهو ڏکيا ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي شهر جي سونهن تباهه ٿي وئي آهي.

جيتوڻيڪ صدر جي علائقي جا سڀ روڊ گهڻو ڪشاده ٺاهيل آهن پر حددخلين سبب اهي سوڙها ٿي ويا آهن جن شهر جي مرڪز لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن ۽ انهن مسئلن کي ڏسندي هڪ ڀيرو وري ٻن ڏينهن کان آپريشن هلندڙ آهي، جنهن ۾ ظاهر آهي ته گهڻو ئي نقصان به ٿي رهيو آهي جنهن خلاف احتجاج پڻ جاري آهي.

ڏٺو وڃي ته هاڻي جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي ان تي ڏک محسوس ڪندي به اهو چوڻو پوي ٿو ته موجود حددخلين جو سبب خود ڪراچيءَ جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙن سان گڏ ڪراچي پوليس به آهي، جنهن نه رڳو هن سهڻي شهر جي سونهن برباد ڪئي آهي، پر بدامنيءَ سميت ڪيترن ئي مسئلن جو بنياد بڻيل رهي آهي، دڪانن آڏو ٿيل حددخلين جي پٺ ۾ اها رشوت آهي جيڪا پوليس دڪاندارن ۽ ريڙهن وارن کان منٿليءَ جي نالي ۾ وٺندي رهي آهي، پڪ سان پوليس جي مدد کانسواءِ اهو ممڪن نه آهي ته ڪو به شخص اهڙو عمل ڪري سگهي. هاڻ به ايئن ٿي رهيو آهي ته اڳيان اڳيان پوليس ڀڃ ڊاهه ڪري رهي آهي ۽ پويان پويان حددخلين جو ساڳيو پراڻو طريقو جاري آهي.

ڪنهن به طرح شهر جي هن مک علائقي کي صاف ٿيڻ گهرجي ۽ مستقل صاف رهڻ گهرجي پر انهن غريب ۽ وچولي طبقي جي دڪاندارن سان انصاف ڪيئن ٿيندو، جيڪي هڪ پاسي ان ئي پوليس کي منٿلي ڏئي روزگار ڪن ٿا ۽ اها ئي پوليس وري سندن ڦٽ پاٿون ۽ ڇاپرا ڊاهي پٽ ڪري کين نقصان ڏئي رهي آهي.

عام ماڻهوءَ جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيئن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه پوليس پاران ٿيندو رهيو آهي، هڪ پوليس عملدار جي بدلي ٿيڻ سان هڪ نئون نقصان ٿئي ٿو ۽ وري اها ئي پوليس منٿليءَ عيوض اهو ساڳيو عمل ورجائي ٿي، جنهن سبب دڪاندارن ۽ ريڙهن وارن جو هڪ مائينڊ سيٽ بڻجي ويو آهي ته هيءُ سڀ جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي سڀاڻي ٺيڪ ٿي ويندو، ان اڄ جي ڀڃ ڊاهه ۽ سڀاڻي جي جوڙجڪ وچ ۾ جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي، ان کان بچڻ لاءِ ڪي مستقل اپاءَ ورتا وڃن“ جيئن ڪنهن نقصان کان به بچي سگهجي ۽ شهر جي بيهڪ کي به ٺيڪ رکي سگهجي.

ان لاءِ اهو بهتر طريقو آهي ته ڪراچيءَ جي شهري سرڪار ٿيل نقصان جو ڪنهن به طرح ازالو ڪري، بي روزگار ٿيندڙ ريڙهن وارن لاءِ مناسب جڳهه جو بندوبست ڪري انهن کي هڪ طرف مستقل روزگار جي جڳهه ڏئي.

ساڳئي وقت ان سموري اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ڪندڙ ڪراچي پوليس کي به سختيءَ سان پابند ڪيو وڃي ته ساڳيو عمل جنهن به پوليس عملدار جي وقت ۾ ورجايو ويو ته ان جو ذميوار اُن پوليس عملدار کي بڻايو وڃي. اها سموري اذيت جيڪا شهري ۽ ڪاروباري شخص ڀوڳين ٿا اها پوليس به ڀوڳي.

جيستائين ادارا پنهنجو پنهنجو ڪم پابنديءَ ۽ ايمانداريءَ سان نه ڪندا تيستائين اهو ڏکيو آهي ته اسان جا شهر پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا ماڻي سگهن، ساڳئي وقت شهرن ۾ رهندڙن جو به پنهنجي شهر بابت هڪ ذمو هوندو آهي، جيڪو انهن کي هر حال ۾ نڀائڻ گهرجي.

کين هڪ سٺي شهريءَ جيان نه رڳو پنهنجي دڪان توڻي مڪان جو خيال رکڻ گهرجي پر پنهنجي آس پاس جو به اوترو ئي اونو ڪرڻ گهرجي، جيڪا سهوليت اسان پنهنجي لاءِ گهرون ٿا اها ئي سهوليت پنهنجي آس پاس لاءِ به اسان کي ڪرڻ جڳائي، ڪنهن به قسم جي قانوني ڀڃڪڙي ڪري اسان نه رڳو پنهنجي لاءِ تڪليف پيدا ڪريون ٿا پر پنهنجي آس پاس لاءِ پڻ تڪليف پيدا ڪريون ٿا

ايئن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جن ۾ خاص طور شهري پوليس کي سختيءَ سان پابند ڪيو وڃي ته اها ڪنهن به طرح پنهنجي ڪردار ۽ اداري جي ساک بحال ڪرائڻ لاءِ ٿوري به ڪوشش ڪندي ته گهڻو ڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.

اسان کي اميد آهي، سنڌ جي راڄڌانيءَ جي اعزاز رکندڙ هن شهر کي هر طرح جي مسئلن کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به قسم جي غير قانوني والار کي هٽايو ويندو پر ان سموري عمل وقت ڪنهن به شهريءَ جو نقصان ٿيڻ نه گهرجي ڪو به نقصان سرڪاري ادارن جي ذميواريءَ تي هوندو، امن سک، سونهن، هن شهر جي اول ۽ آخري گهرج آهي.

خميس 8 نومبر 2018ع، 29 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے