21 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾حد دخلين خلاف آپريشن جاري، ٽن ڏينهن جي مهلت

ڪراچي(رپورٽر) صدر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ حد دخلين خلاف آپريشن ٽئين ڏينهن به جاري رهيو، قبضا ڪيل ماڻهن پاران دڪانن مان سامان ڪڍڻ لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي، صدر ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي چوڌاري حد دخلين خلاف آپريشن 3 ڏينهن به جاري رهيو  جنهن ۾ ڪي ايم سي حد دخليون ختم ڪرڻ واري سيل سميت پوليس پڻ حصو ورتو، ان موقعي تي ڪنهن به گڙٻڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري موجود هئي، ايمپريس مارڪيٽ ۽ ٻين علائقن مان حد دخلين کي هٽايو ويو آهي، ايمپريس مارڪيٽ ۽ صدر ۾ حد دخلين کي مڪمل ختم ڪيو ويندو  صدر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ دڪان حد دخلين جي زمري ۾ اچن ٿا ٻئي پاسي آپريشن سبب ڪيپري سينيما کان صدر ڏي ايندڙ  رستي کي هيوي ٽريفڪ ءِ بند ڪيو ويو، هيوي ٽريفڪ کي ايم اي جناح روڊ تبت سينٽر ۽ ٽاور واري پاسي اماڻيو ويو، ٽريفڪ پوليس موجب پي پي چورنگي کان ڪوريڊور ٿري ۽ صدر ايندڙ روڊ به ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي آهي . پي پي چورنگي تان ٽريفڪ کي ايم اي جناح روڊ تي اماڻيو پيو وڃي. جڏهن ته ريگل کان صدر ويندڙ رستو به ٽريفڪ ءِ بند ڪيو ويو آهي.۽ اتان جي ٽريفڪ کي تبت سينٽر موڪليو ويو، ٻئي پاسي صدر جي علائقي مان حددخليون هٽائڻ دوران ڪچرو ميڙڻ وارن ۽ موالين جي جي چاندي ٿي وئي، نڪتل لوهه ميڙي ڪٻاڙين وٽ وڪرو ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اينٽي ڪرپشن ڪم نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس نئب کي موڪليون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪم نٿو ٿئي ته اينٽي ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے