17 ہفتہ , نومبر 2018

اوٻاوڙي ويجهو گرگيج برادري ۾پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل، هاءِ وي تي ڌرڻو، 8 ڄڻا گرفتار

ڏهرڪي/ اوٻاوڙو (رپورٽ : اعظم سهرياڻي/ عبدالواحد ملڪ ) اوٻاوڙي ويجهو گرگيج برادري ۾پراڻي تڪرار تان حملو، نوجوان قتل، قومي شاهراهه تي ڌرڻو، 8 ڄڻا گرفتار، تفصيل موجب، اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ ڪوڙو گرگيج ۾ گرگيج برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي، گذريل ڏينهن سي پيڪ منصوبي ۾ڪم ڪندڙ نوجوان وجاهت الله گرگيج پٽ جاويد علي گرگيج واپس گهر اچي رهيو ته رستي ۾فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا قاري ڪاشف علي گرگيج ۽ پرويز علي گرگيج زخمي ٿي پيا، اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اوٻاوڙو سول اسپتال منتقل ڪيو، رائونتي ۽ اوٻاوڙو ٿاڻي جي پوليس حد جو جواز ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مقتول جي وارثن لاش کي نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اوٻاوڙو پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾منهن ماري ٿي پئي، مقتول جي ڀاءُ غالب گرگيج طرفان جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ تي پاڻ مٿان پئٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن کيس بچائي ورتو، ان موقعي تي مقتول جي مامي صالح محمد گرگيج ۽ ڀاءُ غالب گرگيج صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي نوجوان وجاهت الله گرگيج کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي، هنن ٻڌايو ته لال گرگيج، دلشير گرگيج، دلمراد گرگيج پنهنجي 20 کان وڌيڪ هٿياربند ساٿين سان گڏجي حملو ڪري وجاهت الله گرگيج کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻن ڄڻن قاري ڪاشف گرگيج ۽ پرويز علي گرگيج کي زخمي ڪيو آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ناحق قتل ڪيو ويو آهي، وجاهت الله گرگيج سي پيڪ منصوبي تي ڪم ڪندو هيو جيڪو گهر واپس اچي رهيو ته رستي ۾ حملو ڪيو ويو، اوٻاوڙو ۽ رائونتي پوليس حد جو جواز ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هنن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو وڃي، ٻي طرف اي ايس پي گهوٽڪي عيسيٰ خان سکيرا مقتول جي وارثن وٽ ڳالهين لاءِ پهچي ويو، اي ايس پي جي خاطري بعد پنج ڪلاڪن بعد نيشنل هاءِ روڊ کي کوليو ويو، ڊي ايس پي اوٻاوڙو يار محمد رند کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن رائونتي ٿاڻي تي 20 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او رائونتي سيد قلب عباس شاهه ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڇاپن دوران 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪري ورتا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے