17 ہفتہ , نومبر 2018

ٽي ايل پي تي بندش جو مطالبو، حڪومت دهشتگردن سان اين آر او ڪيو آهي : سول سوسائٽي

ڪراچي (رپورٽر) سڄاڻ ڌرين تحريڪ لبيڪ تي بندش جو مطالبو ڪندي وڳوڙين تي نظر رکڻ جي تجويز ڏني آهي.سول سوسائيٽي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اليڪشن ڪميشن پاڪستان ۽ حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته مولوي خادم رضوي ، پير افضل قادري سميت تحريڪ ليبڪ جي قيادت جي دهشگردي جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي .پريس ڪانفرنس ڪندي جبران ناصر ، انيس هارون ، عظمٰي نوراني ، غزاله شفيق ۽ نزهت شيرين چيو ته آسيا بي بي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڀليڪار چئون ٿا . ڏهن سالن کان هلندڙ ڪيس جي سڀني پاسن کان ڪيس کي ڏٺو ويو تنهن کان پوءِ هڪ تفصيلي فيصلو ٻڌايو ويو . آسيا تي ڏوهه  ثابت نه ٿيڻ جي باوجود سندس نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ ذيادتي آهي . اسان حڪومت کان آسيه بي بي جي مڪمل حفاظت جو مطالبو ڪيون ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ اهو پڻ چئون ٿا جيڪڏهن آسيه يا ان جي گھر وارن کي ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري حڪومت تي سمجهي ويندي . رياست جي ذميواري آهي ته اُها پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري پر رياست گذريل وڳورين دوران شهرين کي دهشتگردن جي سامهون اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو افسوسناڪ عمل آهي . حڪومت پاران عوامي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن سان ٿيل معاهدو پاڪستان جي آئين جي خلاف آهي . وزيراعظم پاڪستان اين آر او جي ڳالهه ڪري پيو پر اصل اين آر او ته انهن دهشتگردن سان روڊن تي ٿيو.حڪومت ڪارڪنن جي گرفتاريون ڪري پئي اصل جنهن ماڻهن کي ورغلايو ۽ انهن کي پرتشدد ڪارروائين لاءِ چوندا رهيا انهن دهشتگردن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي . سول سوسائيٽي جي اڳواڻ غزاله شفيق چيو ته واقعي کان پوءِ گرجا گهرن ۾خوف وارو ماحول آهي .ائين ٿو لڳي ڄڻ گرجا گھر مري وئي آهي . هن  چيو ته اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته پاڪستان اسلام جي لاءِ ٺاهيو  پر هي جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ڇا اسلام اُهو سبق ڏئي ٿو ؟   ڇا اسان مسيح هن ملڪ جا شهري ناهيون ؟لڳي ٿو ته هي ملڪ اسان جو ناهي رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے