17 ہفتہ , نومبر 2018

پنهنجا نوازيو پاليسي، نان سيڪريٽريٽ سائيڊ جي سيڪريٽرين کي ترقيون

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار  سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي پاسيرو ڪندي پنهنجا نواز پاليسي تي عمل ڪندي ملازمن جي ترقي لاءِ به ڪيٽيگريون ٺاهي ڇڏيون، نان سيڪريٽريٽ سائيڊ جي پرائيويٽ سيڪريٽرين گريڊ 17 کان 19 تائين ترقيون، سيڪريٽريٽ سائيڊ جي پرائيويٽ سيڪريٽرين جون ترقيون نظرانداز، ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت 2013 ۾ 5  کان 7 سال سروس رکندڙ پرائيويٽ سيڪريٽرين کي 18 هين گريڊ ۽ 12 سال سروس رکندڙ پرائيويٽ سيڪريٽري کي سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري طور گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻي هئي، جنهن تحت سنڌ سرڪار پنهنجو فارمولو تيار ڪري پرائيويٽ سيڪريٽرين کي ٻن ڪيٽگرين، سيڪريٽريٽريٽ سائيڊ ۽ نان سيڪريٽريٽريٽ سائيڊ رکي ڇڏيو، جنهن تحت نان سيڪريٽريٽ سائيڊ پرائيويٽ سيڪريٽرين کي گريڊ 17 کان گريڊ 19 تائين ترقيون ڏئي ڇڏيون، جن ۾ گريڊ 19 جو سينيئر  پرائيويٽ سيڪريٽري سيد عبدالله شاهه، گريڊ 18 جو طاهر اڪبر شيخ، نواز علي جانوري ، امداد حسين صديقي ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سيڪريٽريٽ سائيڊ جي پرائيويٽ سيڪريٽرين جي نوڪرين کي ترقين کان محروم ڪيو ويو آهن، انهن کي 17 هين گريڊ ۾ ئي رکيو ويو آهي، 5  ۽ 7 سال کان وڌيڪ سروس رکندڙ سيڪريٽريٽ سائيڊ جي 250 کان وڌيڪ  پرائيويٽ سيڪريٽري کي اڳئين گريڊ ۾ ترقي نه ملي سگهي آهي.

سنڌ سرڪار ترقين معاملي ۾ عدالتي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو

ڪراچي: سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي حڪم ڏنو هو ته 5 سال کان وڌيڪ عرصو ڊيوٽي ڪندڙ پرائيويٽ سيڪريٽري کي 17 هين کان 18 هون گريڊ ڏنو وڃي، اهڙي طرح12 سال تجربو رکندڙ پرائيويٽ سيڪريٽري کي سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري 19 گريڊ ۾ ترقي ڏني وڃي پر سنڌ سرڪار حڪم تي عمل نه ڪندي عدالت جي حڪمن جي توهين ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے