20 منگل , نومبر 2018

گم ٿيلن بابت پوليس رپورٽ تي ڪاوڙ، آفيسر جي بدلي کان آگاهه ڪيو:هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ 50کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهو جي حوالي سان داخل درخواستن جي ٻڌڻي جي دوران پوليس پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پوليس جي رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان هر ٻڌڻي هڪ رپورٽ ڏيندا آهيون. عدالت ايس ايس پي ڪورنگي کان جواب گهري ورتو آهي. عدالت آءِ جي سنڌ کي گم ٿيلن واري ڪيس جي جاچ آفيسرن جي بدلي روڪڻ جو حڪم ڏيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي معاملو ڏسي حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جاچ آفيسرن جي بدلي جي ڪري ڪيس هلائي نٿا سگهجن، جاچ آفيسرن جي بدلي کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو. درخواست گذار حنيف عدالت ۾ چيو ته منهنجو پٽ ساجد علي 4 سالن کان گم آهي. هن چيو ته مون کي ٻڌايو وڃي منهنجو پٽ زنده آهي يا مري ويو آهي.41

هي به ڏسي سگهو ٿا

اينٽي ڪرپشن ڪم نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس نئب کي موڪليون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪم نٿو ٿئي ته اينٽي ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے