17 ہفتہ , نومبر 2018

ايندڙ حڪومت وري اسان جي هوندي، ڪجهه عنصر عوام ۽ اسان ۾ ويڇا وجهڻ چاهين ٿا: آصف زرداري

اڪري چودڳي/فيض گنج/نوابشاهه/سکر/ڪوٽڏيجي (رپورٽرز) اڪري ڀرسان ڳوٺ درگاهه خوش خير محمد فقير هيسباڻي ۾ پ پ اڳواڻ فقير بخت علي هيسباڻي جي دعوت تي اڳوڻو صدر ۽ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ وڏو سيد مراد علي شاهه پهتا، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته گذريل ن ليگي وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي جن ضلعن مان گئس نڪري ٿي انهن ضلعن ۾ به گئس فراهمي تي پابندي مڙهي وئي هئي، پر هاڻي وفاقي حڪومت سان ڳالهايو آهي ۽ ڳوٺن ۾ گيس فراهمي واري اسڪيم تحت سنڌ حڪومت جي بجيٽ مان فيض گنج جي شهرن کي گئس ڏياري ويندي، جڏهن ته واهن جي لائينگ ڪرائڻ لاءِ پڻ فنڊ رکيا ويا آهن جن مان واري واري سان چئني واهن کي پڪو ڪرائڻ سان گڏ تمام جلد پڪاچانگ رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقي جو درجو ڏياري ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ ختم ڪرائي عوام کي صحت جون معياري سهولتون ڏيارڻ پهرين ترجيح هوندي، وڏي وزير کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ميڙ کي سرائيڪي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ضلعو خيرپور پ پ جو قلعو آهي، هتان جا ڪجهه تڪ  2002 کان وٺي هڪ آمر جي آشيرواد تي غيرمقبول ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا هئا، جن کي اليڪشن 2018 ۾ عوام شڪست ڏئي پ پ کي ڪامياب ڪيو آهي، هن چيو ته ملڪ جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن سبب خوراڪ جي قلت سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا پيش اچي رهيا آهن جنهن ڪري زراعت کي هٿي وٺرائڻ تمام ضروري آهي، جنهن لاءِ واهن کي پڪو ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته جيڪي مطالبا پيش ڪيا ويا آهن اهي سڀ ڪم وڏي وزير کي جلد ڪري ڏيڻ لاءِ چيو آهي ڇو ته انهن بنيادي مسئلن جو حل اوهان جو حق آهي ۽ مسئلا حل ڪرائڻ اسانجي فرضن ۾ شمار آهي، هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بيبي جيڪو اسان کي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪرڻ جو درس ڏنو آهي ان تي اسان قائم آهيون. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪوٽڏيجي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جي رهائش گاه تي  پهتو ان موقعي تي  سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير  سيد اويس شاهه ۽ ٻيا گڏ  هئا جڏهن ته وساڻ هائوس ڪوٽڏيجي پهچڻ تي اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ پاران آڌڀاءُ ڪيو ويو  ۽ رات جي ماني  ۽ رهائش جو بندوبست ڪيو ويو، پ پ جي اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران خيرپور ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته 2018  جي اليڪشن ۾ به هتان جي عوام پ پ تي اعتماد ڪري ڪامياب ڪيو رُڳو هڪ سيٽ تي ڌانڌلي ڪري پ پ کي هارايو ويو، انشاءَ الله اها سيٽ به مستقبل ۾ کٽي ڏيکارينداسون. هن چيو ته اسين اليڪشن کٽون يا نه پر عوامي خدمت ئي پيپلزپارٽي جو نصب العين آهي ضلعي خيرپور ۾ وڌيڪ خدمت جاري رکي ويندي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه خاص جهاز ذريعي نوابشاهه ايئرپورٽ پهتو جتان روڊ رستي زرداري هائوس نوابشاهه پهچي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري   سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جتي ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي سنڌ جي سياسي صورتحال ۽  حڪومت جي ڪارڪردگي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ کيس  وزيرن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے