17 ہفتہ , نومبر 2018

ٿر ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهن ته پوءِ جايون خالي ڇو آهن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ٿر ۾ ڏڪار بابت پڇاڻو ڪندي چيو آهي ته ٿر ۾ ڊاڪٽر مقرر آهن ته پوءِ خالي جايون ڇاجي لاءِ آهن، جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سجاد شاهه چيو ته 2016ع ۾ به سنڌ سرڪار جي مرضي تي ڪميشن جوڙي وئي، اڄ تائين نتيجا نه نڪتا آهن. عدالت پڇيو ته ٿر وڃڻ کان انڪار ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي. ڪلرڪ کي ته ڌمڪيون ڏيو ٿا. عدالت جي مددگار فيصل قريشي چيو ته ٿر جي اسپتالن جي حالت خراب آهي. ڪير پڇڻ وارو ناهي. سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت ڏڪار جي خاتمي لاءِ اپاءَ ورتا آهن، ڊاڪٽرن کي خاص پئڪيج ڏيون پيا، اناج به ورهائي رهيا آهيون.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے