15 جمعرات , نومبر 2018

سنڌ ۾شگرملن چمنيون نه ٻاريون، ڪين ڪمشنر بدلي، معاملو رولڙي جو شڪار

حيدرآباد (رپورٽ: عتيق ملاح) سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ٿيڻ ۽ وقت سر شگر ملن جون چمنيون ٻارڻ وارو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر رولڙي جو شڪار ٿي وڃڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، آبادگارن جي رهتن وارو معاملو پڻ اٽڪي پيو. ڪين ڪمشنر بدلي ٿي ويو، نئين ڪين ڪمشنر ڪالهه تائين چارج نه ورتي. ڪين ڪمشنر جون ذميواريون نڀائيندڙ آغا عبدالرحيم کي ايم ڊي واسا مقرر ڪيو ويو آهي. آغا عبدالرحيم عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته کيس ايم ڊي واسا جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن، هو هاڻ ڪين ڪمشنر ناهي رهيو، آغا عبدالرحيم وٽ اڳ به ڪين ڪمشنر سان گڏ ايم ڊي واسا جي پڻ چارج هئي. واضح رهي ته 30 نومبر کان اڳ سمورين شگر ملن کي هر حال ۾ سيزن جي لاءِ تيار رکڻو هوندو آهي ۽ ڪمند جو سرڪاري اگهه به مقرر ڪيو ويندو آهي، 15 کان 20 نومبر تائين آبادگارن، سنڌ سرڪار ۽ شگر ملن وچ ۾ اگهه ۽ شگر ملن جي چالو ٿيڻ جي حوالي سان معاملا طئه ٿيڻ ضروري هوندا آهن، پر ڪين ڪمشنر جي بدلي سميت ٻن شگر ملن کانسواءِ ڪنهن به شگر مل پاران چمنيون نه ٻارڻ ڪري وقت سر شگر ملون چالو ٿيڻ ۽ ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ٿيڻ وارو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر رولڙي جو شڪار ٿي سگهي ٿو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آبادگارن جون شگر ملن ڏانهن رهتون هجڻ وارو به اٽڪيل هو، جيڪو عدالت ۾ پڻ هلي رهيو آهي ۽ ڪين ڪمشنر جي بدلي ٿي وڃڻ ڪري رهتن جي ادائگي وارو معاملو پڻ متاثر ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن ٻئي طرف اومني گروپ جون 8 شگر ملون مني لانڊرنگ واري ڪيس جي ور چڙهيل آهن، اومني گروپ جي شگر ملن پاران اڃا تائين کنڊ جي اسٽاڪ جي حوالي سان ڪين ڪمشنر وٽ رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته آبادگارن کي اومني شگر گروپ جي شگر ملن پاران رهتون به نه ڏنيون آهن ۽ اومني گروپ جي شگر ملن جا اڪائونٽ پڻ منجمد ٿيل آهن. قانون موجب شگر ملن کي هر هفتي کنڊ جي اسٽاڪ جي معلومات ڏيڻي هوندي آهي، اومني گروپ جي شگر ملن پاران کنڊ جي اسٽاڪ بابت معلومات نه ڏني وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪين ڪمشنر پاران اومني گروپ جي شگر ملن کي ليٽر جاري ڪري اسٽاڪ جي حوالي سان معلومات ڏيڻ جو چيو ويو، پر اومني گروپ جي شگر ملن پاران ڪا به معلومات فراهم نه ڪئي وئي ۽ اسٽاڪ ڪيڏانهن هليو ويو ان جي ڪا به ڄاڻ فراهم نه ڪئي وئي آهي. اومني گروپ جي شگر ملن ۾ باواني شگر مل، انصاري شگر مل، چمبڙ شگر مل، نئون ديرو شگر مل، مهراڻ شگر مل، لاڙ شگر مل ۽ نيون دادو شگر مل شامل آهي، اومني گروپ کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ڪين ڪمشنر به بيوس نظر اچي رهيو هو، پاسما موجب ڪمند جي سيزن اومني گروپ جي شگر ملن پاران 31 لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪمند خريد ڪيو ويو هو، پر ڄاڻايل شگر ملن پاران نه کنڊ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جا تفصيل ڏنا ويا نه ئي اسٽاڪ جي حوالي سان ڪا ڄاڻ ڏني وئي. ٻئي طرف آبادگار اڳواڻن نبي بخش سٺيو ۽ مير عبدالڪريم ٽالپر عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اگهه مقرر ٿيڻ ۽ شگر ملن جي چالو ٿيڻ جي تاريخ کانپوءِ هڪ هفتي اندر شگر ملون چالو ٿي سگهن ٿيون، هاڻ جديد مشينري اچي چڪي آهي، عدالت پاران 18 آڪٽوبر واري ٻڌڻي تي پهرين نومبر کان اڳ شگر ملون فنڪشنل هئڻ جون واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، اگهه مقرر ڪرڻ کانپوءِ ۽ شگر ملن جون چمنيون ٻارڻ وارو مرحلو 20 نومبر تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پهرين نومبر کان اڳ شگر ملون فنڪشنل هجڻ گهرجن، ڪا به دير ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته سدائين سنڌ حڪومت پنجاب حڪومت جو انتظار ڪندي آهي ته هو ڪهڙو اگهه مقرر ڪن ٿا ۽ شگر ملون ڪڏهن چالو ٿينديون، پنجاب  پاران 15 نومبر تائين اگهه مقرر ڪري شگر ملون چالو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت به اعلان ڪري سگهي ٿي، اسان کي اميد آهي ته سنڌ حڪومت مناسب اگهه ڏيندي ۽ وقت سر شگر ملون هلايون وينديون. هنن چيو ته سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان اهو ڏٺو پيو وڃي ته سيزن شروع ٿيڻ شرط ئي شگر مل مالڪ ناٽڪ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جي ڪري ڪمند جي اگهه ۽ شگر ملون چالو ٿيڻ وارو معاملو اٽڪي پوندو آهي، جنهن جو نقصان آبادگارن کي ٿيندو آهي، 3 سالن کان ڪمند جي فصل جي حالت خراب ٿي رهي آهي، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌ ۾ 45 کان 50 سيڪڙو ڪمند گهٽ ٿيو آهي، زميندار ڪمند جي بانٺ به ختم ڪري ڇڏي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.

بدين جون شگر ملون بند، نيب جاچ هيٺ اومني گروپ جو ڪم نه ڪرڻ جو امڪان

بدين(رپورٽ: رازقڏنو کوسو) بدين ۾ ڪمند تي وائرس جو حملو ٿي ويو، شوگر ملن ڪريشنگ جو عمل شروع نه ڪيو، اومني گروپ جي ماتحت ھلندڙ بدين ضلعي جون شوگر ملون نيب جي اومني گروپ خلاف ڪاروائي ٿيئڻ سبب بند ڪرڻ جو امڪان وڌي ويا،  بدين ضلعي ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ ۽ آبادگارن کي مسلسل نقصان ٿيئڻ سبب آبادگار ويتر پريشاني جو شڪار ٿي ويا، ضلعي جي ٽن شوگر ملن آبادگارن کي ڪروڙين رپيه قرض نه ڏنو، اومني گروپ شوگر ملون نه هلائڻ جو امڪان ظاھر ڪري ڇڏيو، ٻيءُ طرف بدين جي آبادگارن رهتون نه ملڻ سبب کوسڪي، باواني ۽ انصاري مل کي ڪمند نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي،  ان سلسلي ۾ آرمي شوگر مل بدين جي آبادگار اڳواڻن اختر کوسي، حاجي ولي عمراڻي، بابو کوکر ۽ ٻين چيو ته وائرس لڳڻ سبب ڪمند سڙي رھيو آھي 15نومبر کان شوگر ملن کي ڪريشنگ ڪرڻي آھي، پر ڪنھن به قسم جي تياري نه ڪئي وئي آھي، شوگر ملون ھلڻ کان ھڪ مھينو اڳ زميندارن سان شوگر ملن جا ڪين ميئنجر رابطي ۾ اچي ڪمند مل کي ڏيڻ لاءِ معاملا طئه ڪندا ھئا پر اڃا تائين نه ته ڪنھن شوگر مل ان حوالي سان ڪابه تياري نه ڪئي آھي، آبادگارن موجب جيڪڏھن 15 نومبر کان ڪريشنگ شروع نه ڪئي وئي ته ھڪ طرف ڪمند جي فصل کي اڃا وڌيڪ نقصان پھچندو ته ٻيءُ طرف وري ڪڻڪ جي پوکي نه ٿي سگھندي، ان سلسلي ۾ کوسڪي شوگر مل جي ڪين مئينجر حاتم علي شر عوامي آواز  کي ٻڌايو ته گذريل سال کوسڪي شوگر مل جي زون ۾ يارھن ھزار چار سئو ايڪڙن تي ڪمند پوکيل ھو پر مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب ھن سال صرف پنج ھزار ايڪڙن تي ڪمند پوکيل آھي، شوگر مل کي گھٽ ۾ گھٽ  ھڪ ڪروڙ مڻ ڪمند کپي پر ھن سال صرف پندرھن لک مڻ ڪمند کوسڪي شوگرمل زون ۾بچو آھي پر ان ۾ به پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب ھن ۾ شوگر رڪوري گھٽ آھي، مل ھلائڻ مشڪل آھي،  مل جي بوائيلر کي باھ ڏيڻ بعد روزانو ويھ لک روپيه خرچ ھوندو آھي اسان جي ڪوشش آھي ته اسان 15 نومبر کان مل کي ھلايون ۽ 1 ڊسمبر کان با قاعدي ڪريشنگ شروع ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينڊين پرڏيهي وزير جو شاهه محمود سان رابطو، آسيا بي بي معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سندس ڪينيڊين هم منصب ٽيليفون ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے