18 جمعرات , اپریل 2019

پرويز خٽڪ چونڊ ڌانڌلين بابت جاچ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي قائم ڪيل ڪميٽي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ کي چيئرمين چونڊي ورتو آهي، جڏهن ته ٽي او آرزلاءِ 10 رڪني سب ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي نويد قمر پرويز خٽڪ کي ڪميٽي چيئرمين بڻائڻ جي تجويز ڏني، جنهن جي رحمان ملڪ ۽ اياز صادق به حمايت ڪئي، ان کانپوءِ پرويز خٽڪ کي بنا مقابلي ڪميٽي چيئرمين چونڊيو ويو. بچاءِ واري وزير چيئرمين شپ لاءِ اعتماد تي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ احسن اقبال ڪميٽي لاءِ ڪو چيئرمين جي به تجويز ڏني، جنهن تي فواد چوڌري شيرين مزاري جي نالي تي تجويز ڏني. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ٽي او آرز لاءِ 10 رڪني سب ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا 5-5 ميمبرن شامل هوندا. واضح رهي ته حڪومت چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي جاچ لاءِ 30 رڪني پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ 15 حڪومتي ۽ 15 اپوزيشن ميمبر شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

واشنگٽن(م ڊ) مشهور آمريڪي رسالي وزير اعظم عمران خان کي 2019ع جي 100 با اثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے