18 اتوار , نومبر 2018

پارليامينٽ حملو ڪيس: چئن وفاقي وزيرن کي پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وفاقي وزيرن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  عدالت دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير اسد عمر، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، تعليم واري وزير  شفقت محمود ۽ جهانگير ترين جون حاضري کان آجو قرار ڏيڻ بابت درخواستون منظور ڪيون جڏهن ته عدالت سمورن جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے