21 بدھ , نومبر 2018

آمريڪا ڊاڪٽر عافيه صديقي جي حوالگي لاءِ شرط رکيا آهن: فوزيه صديقي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ قيد پاڪستاني عورت عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کان ڪجهه شيون چاهي ٿو، جنهن جي عيوض عافيه صديقي کي پاڪستان واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهي. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڊاڪٽر فوزيه صديقي چيو ته  آمريڪا طرفان اهڙي قسم جا اشارا مليا آهن پر آمريڪا جي مبينا مطالبن بابت تفصيل پرڏيهي وزير سان ملڻ کان اڳ بيان نه ٿي ڪري سگهي.  هن چيو ته جون ۾ هڪ پاڪستاني قونصلر جي ملاقات جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عافيه صديقي کي آمريڪي جيل اختياريون اهو چئي رهيون آهن ته جيڪڏهن هوءَ پنهنجو ديل تبديل ڪري ته کيس فوري طور آزاد ڪيو ويندو. هن چيو ته عافيه صديقي کي جنسي طور هيسايو پيو وڃي ۽ کيس عبادت ڪرڻ کان به روڪيو پيو وڃي، کيس ڏيهه آڻڻ جا 3 رستا آهن. فوزيه صديقي چيو ته  پهريون پاڪستان ان عالمي ٺاهه ۾ ڌر ٿي وڃي جنهن تحت ڏوهارين کي پنهنجي ملڪ منتقل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته آمريڪا جي نائب اسسٽنٽ اٽارني جنرل بروس شوارٽس هڪ خط ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ان ٺاهه ۾ شرڪت ڪري ٿو ته آمريڪا عافيه کي پاڪستان موڪلڻ لاءِ تيار هوندو. هن چيو ته عافيه کي پاڪستان آڻڻ جو ٻيو رستو آمريڪا ۽ پاڪستان جون ڳالهيون آهن، ٽيون رستو صدارتي معافي جو آهي، اوباما جي دور ۾ عافيه کي صدارتي معافي جي تياري ڪئي پئي وئي پر  پاڪستاني حڪومت وقت تي ڪارروائي نه ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے