22 پیر , اپریل 2019

وفاقي ڪابينا طرفان خطرناڪ قيدين کي نظر بند ڪرڻ سميت 21 نقاطي ايجنڊا جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان وزيرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائي ڇڏي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 21 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ 21 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي چين جي دوري تي اعتماد ۾ ورتو. ناڻي واري وزير اسد عمر چين ۾ ٺاهن جي تفصيلن کان ڪابيناکي آگاهه ڪيو. ممڪلتي وزير شهريار آفريدي احتجاج ۾ ٿيل نقصانن تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني.  ڪابينا مختلف ڪيسن ۾ جوابدارن کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ مولانا سميع الحق جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.  وزيراعظم عمران خان چيو ته مولانا سميع الحق جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، ملڪ ۾ امن امان لاءِ شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.  اجلاس ۾ 5 خطرناڪ جوابدارن رسول خان، وسيم اختر، حفيظ الياس، مشتاق ۽ ساجد علي کي تحويل ۾ رکڻ، چيئرمين ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي مقرري، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام لاءِ ٽيڪس ڊائريڪٽر 2017ع شايع ڪرڻ کانسواءِ برطانيا ۽ آئر لينڊ سان قيدين جي مٽاسٽا جي ٺاهه جي منظوري به ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئون ديرو ڀٽو هائوس تي ڇاپو، آصف زرداري جو ويجهو ساٿي گرفتار

نئون ديرو(ويب ڊيسڪ) نيب جي گڏيل جاچ ٽيم ڀٽو هائوس ۾ ڇاپي دوران اڳوڻي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے