18 جمعہ , جنوری 2019

” ٺگس آف هندستان“ شوقينن کي مايوس ڪري ڇڏيو

 ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي نئين ميگا فلم ” ٺگس آف هندستان“ مداحن کي مايوس ڪري ڇڏيو.  فلم ٺگس آف هندستان کي ڀارت سميت سموري دنيا ۾ رليز ڪيو ويو آهي. ڀارتي تجزئي نگار ترن آدرش ۽ فلمي شوقينن اميدن جي ابتڙ فلم کي مايوس ڪندڙ ۽ وچولي درجي جي فلم قرار ڏنو آهي. ڀارتي تجزئي نگار ترن آدرش ٽوئيٽ ڪندي چيو ته هر چمڪندڙ شيءَ سون نه هوندو آهي، فلم جي پهرين ڪلاڪ ۾ شامل ڪيل منظر ايترا خاص نه آهن، فلم جو پلاٽ روايتي فارمولي ٽاپ آهي، اسڪرين پلي بهتر هو  پر فلم جي وچولي درجي جي ڪارڪردگي جو ذميوار هدايتڪار آهي. ترن آدرشن کانسواءِ فلم ڏسندڙ شوقينن به ٽوئيٽر تي فلم کي مايوس ڪندڙ قرار ڏنيندي چيو آهي ته عامر خان اهڙي فلم ڇو ڪئي آهي، هڪ ٻئي صارف چيو ته فلم جي ڪهاڻي ۽ ڪردار ڪمزور هئا. هڪ صارف لکيو ته فلم ڏسڻ پئسي ۽ وقت جو زيان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان پنهنجو ڪيريئر بچائڻ لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) فلمن ۾ ناڪامي کي بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے