18 جمعرات , اپریل 2019

نيب جو ڪارو قانون ختم نه ڪري وڏي غلطي ڪئي: حمزا شهباز

The search engineer came after Imran Khan NAB is following: Hamza Shahbazلاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف چيو آهي ته نيب جو ٻٽو معيار آهي، اسان نيب جو ڪارو قانون ختم نه ڪري وڏي غلطي ڪئي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز شريف چيو ته  معيشت سان مذاق ڪئي پئي وڃي،  اورنج لائن ۽ سي پيڪ نواز شريف جو لڳايو ٻوٽو آهي، پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ توهان هنڌ هنڌ ڪشتو کڻي گهمي رهيا آهيو، توهان جا ڪيل واعدا ڪوڙا ثابت ٿي رهيا آهن، نيازي صاحب جو ڊڄ بار بار سندس زبان تي اچي رهيو آهي، توهان چئن ووٽن جي فرق سان وزيراعظم ٿيا آهيو.  هن چيو ته توهان 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو، گهر ڪئين ٺهندا،  توهان کي ڊڄ ٿئي ٿو، شهباز شريف کي صاف پاڻي ۾ گهرائي آشيانه ۾ گرفتار ڪيو ويو، عدالت پڇي ٿي ته ڪهڙي ڪرپشن ثابت ٿي ته جواب ملي ٿو ته جاچ ٿي رهي آهي.  حمزا شهباز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ نيب تي ڏنڊ وڌو، هاڻي ادارو صفائي پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نيب پويان نيازي آهي، هيليڪاپٽر تي گهمڻ جو جواب ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسد عمر ناڻي واري وزارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تونائي واري وزارت قبولڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر عهدو ڇڏڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے