22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ| تنگواڻي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثر ڀائرن طرفان غريب ڀاءُ جي ملڪيت تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج

تنگواڻي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثر ڀائرن طرفان غريب ڀاءُ جي ملڪيت  تي  قبضي خلاف   ڳوٺاڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ بهادر کوسو جي رهواسي عبدالسميع کوسي احتجاج ڪندي چيو تھ  سندس ٻن ڀائرن  محمد امين کوسي ۽ محمد سليم کوسي سندس  ملڪيت تي قبضو  ڪيو آهي.

هن چيو تھ سندس ڀائرن  کيس  بنا جواز   پوليس هٿان گرفتار ڪرائي جيل ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو آهي.

ڳوٺاڻي دانهيو تھ  سندس ڀائر  ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽  ۽ گهر وارن کي حراسان ڪري رهيا آهن.

هن ڊي سي ڪشمور راجا طارق حسين چانڊئي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽِس وٺي ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے