22 جمعہ , فروری 2019

پنجاب جي گورنر جو ذاتي خرچ تي جيلن ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سڄي صوبي جي جيلن ۾ ذاتي خرچ تي قيدين لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ ۽ ڪلينيڪل سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سڄي صوبي جي جيلن ۾ قيدين لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳائڻ جو ۽ ڪلينيڪل سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيلن ۾ واٽر فلٽريشن لڳائڻ ۽ ڪلينيڪل سينٽرن جي قيام جا سمورا خرچ پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور ذاتي طور تي برداشت ڪندو ۽ اهي سمورا منصوبا سرور فائونڊيشن جي مدد سان مڪمل ڪيا ويندا. پهريون واٽر فلٽر پلانٽ ۽ ڪلينيڪل سينٽر فيصل آباد جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قائم ٿيندو. ان جو افتتاح 11 نومبر تي پنجاب جو گورنر پاڻ ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے