22 جمعہ , فروری 2019

لاهور ۾ رائل پام ڪلب جو سي اي او ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب رائل پال ڪلب جي سي اي او ۽ حسنين ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي مالڪ شيخ رمضان کي گرفتار ڪري ورتو ۽ نيب خيبرپختونخواهه جي تحويل ۾ ڏيڻ لاءِ سندس هڪ جو راهداري ريمانڊ به ورتو ويو. نيب لاهور رائل پام جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ۽ حسنين ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي مالڪ شيخ رمضان کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار تي پشاور کان ڊيرا اسماعيل خان روڊ جي تعمير ۾ بيضابطگين جو الزام آهي. شيخ رمضان جي معياري ڪم نه ڪرڻ جي ڪري قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان رسيو. رمضان شيخ پشاور کان ڊيرا غازي خان تائين روڊ جي تعمير ۾ نه رڳو معياري ميٽريل استعمال ناهي ڪيو پر ان جي تعمير به طئي ٿيل نقشي موجب ناهي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان رسيو. رمضان شيخ ٻين تعميراتي منصوبن تي به ڪم ڪري چڪو آهي. هو نيب پشاور کي گهربل هو. نيب لاهور کيس گرفتار ڪري راهداري ريمانڊ جي لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. راهداري ريمانڊ بعد جوابدار رمضان شيخ کي نيب پشاور جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو هو جيئن جوابدار جي لاڳاپيل عدالت کان جاچ جي لاءِ ريمانڊ وٺي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے