22 جمعہ , فروری 2019

پنهنجن پيرن تي ڪهاڙي پاڻ هڻي ٻين تي الزام مڙهڻ درست ناهي: شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اسان پاڻ جيڪڏهن پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هڻنداسين ته ڪنهن ٻئي تي الزام نٿا مڙهي سگهون. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي جو اظهار ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ هو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسيمبلي مڇي مارڪيٽ بڻيل رهي ۽ ٻنهي پاسن کان غير پارليماني ٻولي استعمال ڪئي وئي، ايوان ۾ پارليماني ٻولي استعمال ڪئي وڃي ۽ بي بنياد الزامن کان پاسو ڪيو وڃي، سڄي دنيا ميڊيا جي ذريعي ايوان جي ڪارروائي ڏسي رهي هوندي آهي، اسان پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هڻنداسين ته ڪنهن ٻئي تي الزام ڪيئن مڙهبو. شهباز شريف چيو ته جمهوري نظام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ايوان ۾ اليڪشن وڙهي آيا آهيون، اسان کي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻا آهن، اسيمبلي ۾ پاڪستان جي مستقبل کي تابناڪ بڻائڻ جي لاءِ قومي معاملن تي ڳالهائڻ گهرجي، جيڪڏهن جمهوريت کر مضبوط ۽ 22 ڪروڙ عوام جي اميدن کي پورو ڪرڻ آهي ته تعميري ڳالهه ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته ايوان ۾ اهڙن واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ڪميٽي بڻائي وڃي جنهن جي تحت ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ بڻايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے