17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ| سکر: بئراج ۾ 38 سيڪڙو پاڻي جي گهٽتائي ٿي آهي:وڏو وزير

سکر بئراج  جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه  چيو ته ارسا موجب پاڻي جي گهٽتائي 38 سيڪڙو آهي،  تونسا کان گڊو بئراج تائين نارمل گهٽتائي ٿي آهي جڏهن تھ جاچ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.

هن چيو تھ  سکر بئراج جي ڪئنالن جي ليول وڌائڻ ۾ مسئلو آهي جيڪڏهن ليول  وڌيڪ ويندي تھ  جنوري ۽ فيبروري تائين وڌيڪ مشڪلات پيش اچي سگهي ٿي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو تھ هو  چاهن ٿا ته ڪئنالن کي ضرورت موجب جائز پاڻي ڏنو وڃي.

هن چيو تھ کيس ڳڻتي آهي تھ  پلان پورو نه ٿيندو، پاڻي جي قلت وڌيڪ آهي هو  ڪوشش ڪندا تھ ڪاميابي ماڻن.

سندس چوڻ هو تھ  قدرتي طور پاڻي جي کوٽ آهي، ارسا کي صوبن جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي

رپورٽ-شاهد چنو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے